7 ڇو جو منهنجي چيلهہ پيئي ٻري؛ ۽ منهنجي جسم ۾ صحت ڪانهي.
7 منهنجو بدن بخار ۾ ٻرندو پيو رهي. آہ! منهنجي جسم مان صحت موڪلائي ويئي آهي!
۽ مون بادشاهہ کي چيو تہ شل بادشاهہ سدائين سلامت هجي: منهنجو چهرو ڇو نہ غمگين ٿئي، جڏهن اهو شهر، جنهن ۾ منهنجي ابن ڏاڏن جون قبرون آهن، سو ويران ٿي ويو آهي، ۽ ان جا دروازا باهہ سان سڙي ويا آهن؟
منهنجي مرض جي زور ڪري منهنجي ڪپڙن جي شڪل ئي ڦري وئي آهي: اُهو منهنجي گڊلي جي ڳچيءَ وانگر مون کي چوڌاري تنگ ڪري ٿو.
منهنجو بت ڪينئن ۽ مٽيءَ جي ڳوڙهن سان ڍڪيو پيو آهي؛ منهنجي کل پورجيو وڃي ٿي ۽ وري نئين سر ڦٽيو ڦاٽيو پوي.
ڇالاءِ جو منهنجا ڏينهن دونهين وانگي اُڏاميو وڃن، ۽ منهنجون هڏيون اُماڙيءَ وانگيان سڙي ٿيون وڃن.
۽ چون ٿا تہ هن کي بري بيماري لڳي آهي: هينئر هو ليٽيو آهي سو وري ڪين اُٿندو.
۽ اُنهي دم خدا جي ملائڪ اچي ماريس، ڇالاءِ جو هن خدا کي وڏائي نہ ڏني؛ ۽ ڪينئان پئجي ويس، ۽ مري ويو.