تنهنڪري هنن ماڻهو موڪلي سڀ فلستين جا سردار گهرائي آڻي گڏ ڪيا، ۽ چيائون تہ اسرائيل جي خدا جي صندوق موڪلي ڏيو، ڀلي تہ پنهنجي اصلوڪي جاءِ تي وڃي، تہ اسان کي ۽ اسان جي قوم کي ماري نہ ڇڏي: ڇالاءِ جو سڄي شهر ۾ موت مار پريشاني پئجي ويئي هئي؛ خدا جو هٿ اُتي تمام ڳرو هو.
۽ نظر ڪجو تہ جيڪڏهن اُها پنهنجي سرحد واري رستي کان بيت شمس ڏي وڃي، تہ ڄاڻجو تہ انهيءَ ئي اسان کي هيءَ وڏي آفت موڪلي آهي: پر جي نہ تہ تڏهن اسين ڄاڻنداسين تہ انهيءَ جي هٿ اسان کي نہ ماريو آهي؛ اهو رڳو هڪڙو اتفاق هو، جو اسان سان ٿيو.