Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 32:1 - Sindhi Bible

1 مبارڪ آهي اُهو ماڻهو جنهن جي خطا معاف ٿي آهي، ۽ جنهن جو گناهہ ڍڪيو ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 اهي انسان سڀاڳا آهن، جن جي خطا بخش ڪئي ويئي آهي. بيشڪ اهي سڀاڳا آهن جن جو گناهہ معاف ڪيو ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 32:1
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن دائود ناتن کي چيو تہ مون خداوند جو گناهہ ڪيو آهي. ۽ ناتن دائود کي چيو تہ خداوند بہ تنهنجو گناهہ معاف ڪيو آهي؛ تون مرندين ڪين.


۽ هنن جو قصور نہ ڍڪ، هنن جو گناهہ پنهنجي اڳيان ميٽي ڇڏڻ نہ ڏي: ڇالاءِ جو هنن توکي، اڏڻ وارن جي اڳيان، ڪاوڙايو آهي.


هو تنهنجا سڀيئي گناهہ بخشي ٿو؛ ۽ تنهنجا مڙيئي مرض مٽائي ٿو؛


مبارڪ آهن اهي جي انصاف ٿا ڪن ۽ سدائين سچائيءَ تي ٿا هلن.


مبارڪ آهي اهو جو خداوند کان ڊڄي ٿو ۽ سندس واٽن تي ٿو هلي.


مبارڪ آهي اُهو ماڻهو جو خداوند تي ڀروسو ٿو رکي، ۽ جيڪي مغرور آهن ۽ ڪوڙ تي سندرو ٿا ٻڌن، تن ڏانهن مائل نٿو ٿئي.


اي خدا جيئن هرڻي پاڻيءَ جي چشمن لاءِ سڪي ٿي، تيئن منهنجي جان بہ تو لاءِ پيئي سڪي.


منهنجي دل هڪڙي چڱي مضمون سان ٽمٽار آهي: جيڪي مون بادشاهہ جي بابت ٺاهيو آهي تنهنجو آءٌ بيان ٿو ڪريان: منهنجي زبان هڪڙي قابل ڪاتب جو قلم آهي.


اي زوراور ماڻهو، تون بڇڙائيءَ تي پاڻ کي ڇو ٿو پڏائين؟ خدا جي رحمت دائمي آهي.


بيوقوف پنهنجي دل ۾ چيو آهي تہ خدا ڪونهي. اُهي بگڙي ويا آهن، اُنهن ڪراهت جهڙي برائي ڪئي آهي؛ نيڪي ڪندڙ ڪوبہ ڪونهي.


اي خدا منهنجيءَ دعا تي ڪن ڏي؛ ۽ منهنجي منٿ کان منهن نہ موڙ.


اي لشڪرن جا خداوند، جنهن ماڻهوءَ جو ڀروسو توتي آهي سو مبارڪ آهي.


تو پنهنجيءَ اُمت جي خطا معاف ڪئي آهي، ۽ انهن جا سڀ گناهہ ڍڪي ڇڏيا اٿيئي.


مبارڪ آهي اها اُمت جا خوشيءَ جي آواز کي سمجهي ٿي: اي خداوند اهي تنهنجي چهري جي نور ۾ ٿا هلن.


خداوند ٿو فرمائي تہ هاڻي اچو تہ پاڻ ۾ حجت دليل ڪريون: جيتوڻيڪ اوهان جا گناهہ کهنبي جهڙا هوندا تہ بہ اهي برف جهڙا اڇا ٿي ويندا؛ جيتوڻيڪ اهي قرمز جهڙا ڳاڙها هوندا تہ بہ اُن جهڙا ٿي پوندا.


آءٌ هائو آءٌ، اهو آهيان جو پنهنجي خاطر تنهنجون خطائون مٽائي ٿو ڇڏيان؛ ۽ آءٌ تنهنجا گناهہ ياد نہ ڪندس.


مون تنهنجون خطائون گهاٽي ڪڪرن وانگي، ۽ تنهنجا گناهہ بادل وانگي ميساري ڇڏيا آهن: مون ڏانهن ڦر؛ ڇالاءِ جو مون تنهنجو عيوضو ڏنو آهي.


۽ يسوع وراڻي ڏيئي چيس، تہ اي شمعون بار يوناهہ، تون مبارڪ آهين: ڇالاءِ جو گوشت ۽ رت نہ، پر منهنجو پيءُ جو آسمان ۾ آهي، تنهن توکي ظاهر ڪري ڄاڻايو آهي.


تنهن تي هن چيو، تہ هائو، پر وڌيڪ مبارڪ آهن اُهي، جي خدا جو ڪلام ٻُڌن ٿا ۽ ان تي عمل ٿا ڪن.


مبارڪ آهن اُهي، جي پنهنجا ڪپڙا ڌوئي صاف ٿا ڪن، اُهي زندگيءَ جي وڻ جا حقدار ٿيندا ۽ انهي شهر ۾ درن مان گهڙندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ