Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 30:3 - Sindhi Bible

3 اي خداوند، تو منهنجيءَ جان کي قبر مان ڪڍي آندو آهي: تو مونکي جيئرو رکيو آهي، تہ آءٌ قبر ۾ نہ پوان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 اي خداوند! تو مون کي پاتال ۾ وڃي پوڻ کان بچائي ورتو، هائو، تو مون کي قبر ۾ داخل ٿيڻ کان محفوظ رکيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 30:3
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن منهنجي روح کي کڏ ۾ پوڻ کان بچائي ورتو آهي، ۽ منهنجي حياتي روشنائي ڏسندي.


هو پنهنجو ڪلام موڪلي انهن کي شفا ٿو بخشي، ۽ کين سندن برباديءَ کان ڇڏائي ٿو.


تو منهنجي جان کي موت کان، ۽ منهنجين اکين کي لڙڪن کان، ۽ منهنجن پيرن کي ترڪڻ کان ڇڏايو آهي.


ڇالاءِ جو تون منهنجيءَ جان کي قبر ۾ ڪين ڇڏيندين؛ نڪي تون پنهنجي پاڪ شخص کي سڙڻ ڏيندين.


اي خداوند، آءٌ توکي پڪاريندس؛ اي منهنجا ٽڪر، منهنجي ٻڌي اڻٻڌي نہ ڪر: متان ائين ٿئي تہ جڏهن تون مون ڏانهن خاموش رهين، تہ پوءِ آءٌ انهن جهڙو ٿيان جي قبر ۾ ٿا پون.


ڇو جو تو منهنجيءَ جان کي موت کان ڇڏايو آهي: تو منهنجن پيرن کي ترڪڻ کان بچايو آهي؛ انهيءَ لاءِ تہ آءٌ خدا جي حضور ۾ زندگيءَ جي نور ۾ هلان.


تو جنهن اسان کي گهڻيون ۽ سخت تڪليفون ڏيکاريون آهن، تون وري اسان کي جيئرو ڪندين، ۽ زمين جي تري مان اسان کي ڪڍي مٿي آڻيندين.


ڇو جو مون تي تنهنجي گهڻي ٻاجهہ آهي؛ تو منهنجي جان کي اوڙاهہ جي تري مان ڪڍيو آهي.


اي خداوند، انهن ڳالهين ڪري ماڻهو جيئرا ٿا رهن، ۽ منهنجي روح جي حياتي سموري انهن ۾ آهي: تنهن ڪري تون ئي مون کي چڱو ڀلو ڪر ۽ مون کي جيئرو رک.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ