8 نجات خداوند وٽان آهي؛ شل تنهنجي برڪت تنهنجي اُمت تي هجي.
8 بيشڪ تنهنجي ئي طرفان رهائي ٿي ملي. شال تنهنجي قوم تي سدائين تنهنجي برڪت هجي.
پر هو انهيءَ زمين جي ٽڪر ۾ بيهي رهيو، ۽ انهيءَ کي بچائڻ لڳو، ۽ فلستين کي ڪُٺائين: ۽ خداوند هڪڙي وڏي فتح ڏني.
آءٌ تنهنجو ئي آهيان، تون مون کي بچاءِ؛ ڇو تہ آءٌ تنهنجن قاعدن جو طالب رهيو آهيان.
خداوند پنهنجيءَ اُمت کي طاقت ڏيندو؛ خداوند پنهنجيءَ اُمت کي سلامتيءَ جي برڪت ڏيندو.
پنهنجي ٻانهي تي پنهنجو منهن چمڪاءِ: ۽ پنهنجيءَ ٻاجهہ جي ڪري مون کي بچائي وٺ.
ڀلي تہ اهي وهندڙ پاڻيءَ وانگر هليو وڃن: جڏهن هو تير هڻڻ لاءِ ڪمان ڪشي، تڏهن اُهي مردارن وانگر ٿي پون.
هن جو نالو هميشہ تائين قائم رهندو؛ جيسين سج هوندو تيسين سندس نالو پيو هلندو: ماڻهن کي هن جي ڪري برڪت ملندي؛ ۽ سڀيئي قومون هن کي خوش نصيب چونديون.
اي خداوند، انهن کي ڊپ ۾ وجهہ: تہ قومون پاڻ کي انسان سمجهن.
گهوڙو جنگ جي ڏينهن لاءِ تيار ڪجي ٿو، پر فتح خداوند جي وس آهي.
آءٌ ئي فقط خداوند آهيان؛ ۽ مون کان سواءِ ڪوبہ نجات بخشيندڙ ڪونهي.
سچ آهي تہ ٽڪر تان ۽ جبلن جي گور مان مدد جي اُميد رکڻ اجائي آهي: سچ پچ اسرائيل جو ڇوٽڪارو خداوند اسان جي خدا ۾ آهي.
انهي هوندي بہ آءٌ مصر جي زمين کان وٺي خداوند تنهنجو خدا آهيان، تون ڪنهن ٻئي معبود کي نہ ڄاڻندو هئين، ڇالاءِ جو مون کان سواءِ ٻيو نجات ڏيندڙ ڪونهي.
پر آءٌ شڪرگذاريءَ جي آواز سان تنهنجي اڳيان قرباني چاڙهيندس؛ جيڪا مڃتا مون مڃي آهي، سا آءٌ پوري ڪندس. نجات خداوند وٽان آهي.
۽ هيئن ٿيندو هو، جو صندوق جي ڪوچ جي وقت موسيٰ چوندو هو تہ اي خداوند، اُٿ تہ تنهنجا دشمن ڇڙوڇڙ ٿي وڃن؛
سو پهريائين خدا پنهنجو بندو کڙو ڪري اوهان ڏانهن موڪليو، تہ اوهان مان هر ڪنهن کي سندس براين کان ڦيري برڪت ڏئي.
۽ ڪنهن بہ ٻئي کان نجات ڪانهي؛ ڇالاءِ جو آسمان جي هيٺان ماڻهن کي ٻيو ڪوبہ نالو ڏنل ڪونهي، جنهن جي ڪري اسان کي نجات ملي.
اسان جي خداوند يسوع مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي تعريف ٿئي، جنهن اسان کي مسيح ۾ آسماني جاين تي هر طرح جي روحاني برڪت بخشي.
۽ چيائين تہ ”يقيناً آئون توکي برڪت پيو ڏيندس ۽ تنهنجو اولاد وڌائيندس.“
بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪريو، ۽ گار جي بدران گار نہ ڏيو؛ پر اُٽلندو دعا ڪريو؛ ڇالاءِ جو اوهين انهي لاءِ سڏيا ويا هئا تہ برڪت جا وارث ٿيو.
انهن ڳالهين کانپوءِ مون آسمان تي ڄڻ تہ هڪڙي ميڙاڪي جو وڏو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ هاليلوياهہ، نجات، ۽ جلال، ۽ قدرت اسان جي خدا جي آهي:
۽ اهي وڏي آواز سان چوڻ لڳا تہ اسان جو خدا جو تخت تي ويٺو آهي، تنهن وٽان ۽ گهيٽي وٽان نجات آهي.