Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 3:7 - Sindhi Bible

7 اي خداوند، اُٿ، اي منهنجا خدا مون کي بچاءِ؛ ڇالاءِ جو تو منهنجن سڀني دشمنن جي ڳلن تي لپاٽون هنيون آهن؛ ۽ بڇڙن جا ڏند ڀڃي ڇڏيا اٿيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 اُٿ اي خداوند، منهنجا خدا! مون کي بچاءِ، منهنجي دشمنن جي منهن تي مڪ وهائي ڪڍ. هائو، انهن بڇڙن ماڻهن جا ڏند ڀڃي ڇڏ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 3:7
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو سڄي ملڪ تي جنگ پکڙجي ويئي: ۽ انهيءَ ڏينهن ترار کان وڌيڪ ٻيلو ماڻهو ڳهي ويو.


هن پنهنجو وات پساري مون ڏانهن نهاريو آهي، هنن منهنجن ڳٽن تي ڌڪار سان چماٽون هنيون آهن، هو منهنجي برخلاف گڏ ٿيا آهن.


آءٌ شريرن جون ڄاڙيون ڀڃندو هوس، ۽ هنن جي ڏندن مان شڪار ڇڪي ڪڍي وٺندو هوس.


اي خداوند، اُٿ: اي خداوند، پنهنجو هٿ مٿي کڻ: غريبن کي نہ وسار.


خداوند چوي ٿو تہ غريبن جو لٽجڻ، ۽ محتاجن جي دانهن ڪري، هاڻي آءٌ اُٿندس؛ ۽ جنهن تي اهي ٺٺوليون ٿا ڪن، تنهن کي سلامت رکندس.


جيتوڻيڪ ڪو لشڪر منهنجي برخلاف تنبو کوڙيندو، تڏهن بہ منهنجي دل کي ڊپ ڪونہ ٿيندو: جيتوڻيڪ مون تي جنگ اچي ڪڙڪندي، تڏهن بہ منهنجو ڀروسو قائم رهندو.


اي منهنجا خداوند، اي منهنجا خدا، اُٿ ۽ منهنجي انصاف لاءِ، بلڪ منهنجي معاملي لاءِ سجاڳ ٿي.


اي خداوند جاڳ، تون ڇو ننڊ ۾ آهين؟ اُٿ، هميشہ جي لاءِ اسان کي ڇڏي نہ ڏي.


اي خدا انهن جا ڏند سندن وات ۾ ڀڃي ڇڏ: اي خداوند جوان شينهن جون ڏاٺون ڀڃي ڇڏ.


اي خداوند، لشڪرن جا خدا، اسرائيل جا خدا، تون سڀني قومن جو حساب وٺڻ لاءِ اُٿ: ۽ ڪنهن بہ بڇڙي گنهگار تي رحم نہ ڪر.


اي خداوند موٽ، اچي منهنجيءَ جان کي ڇڏاءِ؛ پنهنجيءَ ٻاجهہ سان مونکي بچاءِ.


اي خداوند، پنهنجي غصي ۾ اُٿ، منهنجي دشمن جي جوش جي برخلاف اُٿي کڙو ٿيءُ؛ ۽ مون لاءِ جاڳ؛ تو انصاف جو حڪم ڏنو آهي.


تو پنهنجي هٿ کي، هائو پنهنجي ساڄي هٿ کي ڇو روڪيو آهي؟ اهو پنهنجي بغل مان ڪڍي انهن کي فنا ڪر.


جڏهن خدا عدالت ڪرڻ اُٿيو، تہ زمين جي سڀني نماڻن کي بچائي.


اي خداوند جي ٻانهن، جاڳ، جاڳ، زور وٺ؛ اڳين ڏينهن ۽ قديم پيڙهين جي وقت وانگي جاڳ. تون اها ناهين ڇا جنهن مصر کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪيو، ۽ ازدها کي ونڌي ڇڏيو.


هن کي کپي تہ ڌڪ هڻڻ واري کي پنهنجو ڳل ڏئي؛ پوءِ ڀلي تہ خواريءَ سان ڀرجي.


افسوس انهي تي، جو ڪاٺ کي ٿو چوي تہ جاڳ، ۽ گونگي پٿر کي تہ اُٿ! هن مان ڪا تعليم ملندي ڇا؟ ڏس، هن تي سون ۽ چاندي چڙهيل آهي، ۽ انهي منجهہ ساهہ ڪونهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ