6 لکين ماڻهو، جن منهنجي برخلاف گهيرو ڪيو آهي، تن کان آءٌ ڪين ڊڄندس.
6 آءٌ تہ انهن لکين دشمنن کان بہ نہ ڊڄندس، جيڪي چئني طرفن کان منهنجو گھيرو ڪيو ويٺا آهن.
۽ اتي اسرائيل جي ماڻهن دائود جي نوڪرن جي اڳيان شڪست کاڌي، ۽ انهيءَ ڏينهن تي اتي وڏو ڪوس ٿي گذريو، جو ويهہ هزار ماڻهو مئا.
خداوند ۽ سندس مسيح جي برخلاف زمين جا بادشاهہ کڙا ٿيا آهن، ۽ حاڪم پاڻ ۾ صلاح ڪري چون ٿا تہ،
هائو، جيتوڻيڪ آءٌ موت جي پاڇي جي واديءَ مان لنگهندس، تہ بہ آءٌ ڪنهن بڇڙائيءَ کان ڪين ڊڄندس؛ ڇو جو تون مون سان آهين: تنهنجو لڪڻ ۽ تنهنجي لٺ مون کي دلجاءِ ٿي ڏئي.
تنهن ڪري اسان کي ڪو خوف ڪونهي. جيتوڻيڪ زمين اُٿلي پوي، ۽ جبل سمنڊ جي تهہ ۾ وڃي پون.
لشڪرن جو خداوند اسان سان آهي: يعقوب جو خدا اسان جي پناهہ آهي.
جڏهن تون ليٽندين تڏهن ڊڄندين ڪين: هائو، تون ليٽندين تہ تنهنجي ننڊ مٺي ٿيندي.
جڏهن هلندين تڏهن اُهو تنهنجي هدايت ڪندو؛ جڏهن تون سمهندين تڏهن اُهو تنهنجي مٿان پهرو ڏيندو؛ ۽ جڏهن تون جاڳندين تڏهن اهو تو سان ڳالهائيندو.
تڏهن هنن ڳالهين بابت اسين ڇا چئون؟ جيڪڏهن خدا اسان سان آهي تہ ڪير اسان جي برخلاف آهي؟