4 مون خداوند کي پڪاريو، ۽ هن پنهنجي پاڪ جبل تان مون کي جواب ڏنو.
4 اي منهنجا خداوند! مون تو کي ڏاڍيان پڪاريو آهي، ۽ تو پنهنجي پاڪ جبل تان مون کي ورندي ڏني آهي.
هنن ڳالهين کان پوءِ خداوند جو ڪلام رويا ۾ ابرام تي نازل ٿيو، ۽ چيائينس تہ اي ابرام ڊڄ نہ، آءٌ تنهنجي ڍال ۽ تنهنجو وڏو انعام آهيان.
تون منهنجي لڪڻ جي جاءِ، ۽ منهنجي ڍال آهين: منهنجي اُميد تنهنجي ڪلام ۾ آهي.
جنهن ڏينهن مون توکي پڪاريو تنهن ڏينهن تو مون کي جواب ڏنو، ۽ تو منهنجي جان کي طاقت بخشي، ۽ مون کي همت ڏياري.
آءٌ خداوند کي جو تعريف جي لائق آهي پڪاريندس: ۽ ائين آءٌ پنهنجن دشمنن کان بچي ويندس.
۽ چوندو تہ مون پنهنجي بادشاهہ کي پاڪ جبل صيون تي ويهاريو آهي.
منهنجي چوڌاري جيڪي منهنجا دشمن آهن، تن تي هاڻي منهنجو ڪنڌ مٿي ٿيندو؛ ۽ آءٌ هن جي خيمي ۾ خوشيءَ جون قربانيون چاڙهيندس؛ آءٌ ڳائيندس، هائو آءٌ خداوند جي تعريف ڳائيندس.
خداوند منهنجي طاقت ۽ منهنجي ڍال آهي؛ انهيءَ تي منهنجيءَ دل جو ڀروسو آهي، ۽ مون کي مدد ملي آهي: تنهن ڪري منهنجي دل ڏاڍي خوش آهي؛ ۽ آءٌ گيت ڳائي سندس تعريف ڪندس.
مون خداوند کي ڳوليو ۽ هن منهنجي ٻڌي، ۽ مون کي منهنجن سڀني خوفن کان ڇڏايائين.
غريب دانهون ڪيون، ۽ خداوند هن جي ٻڌي، ۽ کيس سڀني مصيبتن کان بچايائين.
پنهنجو سوجهرو ۽ سچائي موڪل، تہ اهي منهنجي رهبري ڪن: ۽ مون کي تنهنجي پاڪ جبل ۽ تنهنجي تنبن تائين پهچائين.
مصيبت جي ڏينهن مونکي پڪار، آءٌ توکي ڇڏائيندس، ۽ تون منهنجو جلال ظاهر ڪندين.
اي قومون هر وقت انهي تي ڀروسو رکو؛ پنهنجي دل انهي جي اڳيان کوليو: خدا اسان جي پناهہ آهي.
اي لشڪرن جا خداوند، جنهن ماڻهوءَ جو ڀروسو توتي آهي سو مبارڪ آهي.
تڏهن تو پنهنجي مقدسن کي رويا ۾ فرمايو، ۽ چيو تہ مون هڪڙي زور واري کي مددگار ٺهرايو آهي؛ ۽ اُمت مان هڪڙي کي چونڊي سرفراز ڪيو اٿم.
هو مون کي پڪاريندو ۽ آءٌ کيس جواب ڏيندس؛ مصيبت جي وقت آءٌ سندس ساڻي ٿيندس: آءٌ کيس ڇڏائيندس، ۽ کيس عزت ڏيندس.
خداوند اسان جي خدا جي تعظيم ڪريو، ۽ سندس پاڪ جبل تي سجدو ڪريو؛ ڇو جو خداوند اسان جو خدا پاڪ آهي.
هو سچن جي لاءِ پوري ڏاهپ رکي ڇڏي ٿو، ۽ انهن جي سپر آهي، جي سچائيءَ تي هلن ٿا؛
۽ هيئن ٿيندو تہ انهن جي سڏڻ کان اڳي آءٌ جواب ڏيندس؛ ۽ اُهي اڃا ڳالهائيندا هوندا، تہ آءٌ سندن ٻڌندس.
تو منهنجو سڏ ٻڌو؛ منهنجي ساهہ کڻڻ تي، منهنجي رڙ تي پنهنجو ڪن بند نہ ڪر.
گهُرو تہ مليوَ؛ ڳوليو تہ لڀيوَ؛ کڙڪايو تہ پَٽجيوَ.
جيڪڏهن اوهان مان ڪوبہ ڏکي هجي تہ اُهو دعا گهُري، ۽ جيڪڏهن ڪو خوش هجي تہ اُهو تعريف جا گيت ڳائي.