Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 3:3 - Sindhi Bible

3 پر اي خداوند، تون منهنجي چوڌاري ڍال آهين؛ تون ئي منهنجو جلال ۽ منهنجو سرفراز ڪندڙ آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 پر اي خداوند! تون ئي تہ چئني طرفن کان منهنجي حفاظت ڪندڙ آهين. تون ئي تہ منهنجو اهو شان آهين، جيڪو مون کي سرفراز ٿو ڪرين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 3:3
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن ڳالهين کان پوءِ خداوند جو ڪلام رويا ۾ ابرام تي نازل ٿيو، ۽ چيائينس تہ اي ابرام ڊڄ نہ، آءٌ تنهنجي ڍال ۽ تنهنجو وڏو انعام آهيان.


ٽن ڏينهن جي اندر فرعون توکي سرفراز ڪندو، ۽ تنهنجو عهدو توکي موٽائي ڏيندو: ۽ جڏهن تون سندس ساقي هئين، تڏهن جيئن ڪندو هئين، تيئن وري بہ فرعون جو پيالو سندس هٿ ۾ ڏيندين.


حزقياہ جي انهيءَ چوڻ تي خداوند تي ڀروسو متان رکو تہ خداوند ضرور اوهان کي بچائيندو، ۽ هي شهر اسور جي بادشاهہ جي قبضي ۾ ڏيئي نہ ڇڏيندو.


جيسين آءٌ اچي اوهان کي انهيءَ ملڪ ڏانهن وٺي وڃان جو اوهان جي پنهنجي ملڪ جهڙو آهي، جو اَن ۽ شراب جو ملڪ آهي، ماني ۽ ڊاک جي منهہ جو ملڪ آهي، زيتون جي تيل ۽ ماکيءَ جو ملڪ آهي: تہ اوهين زندہ رهو ۽ مري نہ وڃو: ۽ جڏهن حزقياہ اوهان کي ٺڳاري چوي تہ خداوند اسان کي ڇڏائيندو، تڏهن هن جي ڳالهہ متان ٻڌو.


۽ يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين جي قيد ٿيڻ جي ستٽيهين ورهيہ جي ٻارهين مهيني جي ستاويهين تاريخ هيئن ٿيو تہ اِويل مرودڪ، بابل جي بادشاهہ، پنهنجي بادشاهيءَ جي شروع ڪرڻ واري سال ۾ يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين کي قيد مان ڪڍي سرفراز ڪيو؛


هو واٽ ۾ نهر مان پاڻي پيئندو: تنهن ڪري هو پنهنجو ڪنڌ مٿي کڻندو.


تون منهنجي لڪڻ جي جاءِ، ۽ منهنجي ڍال آهين: منهنجي اُميد تنهنجي ڪلام ۾ آهي.


خداوند منهنجو ٽڪر، ۽ منهنجو قلعو، ۽ منهنجو نجات ڏيندڙ آهي؛ منهنجو خدا، منهنجو مضبوط ٽڪر آهي، اُنهيءَ تي آءٌ ڀروسو رکندس: هو منهنجي ڍال ۽ منهنجيءَ نجات جو سڱ، ۽ منهنجو مٿانهون ٺلهہ آهي.


منهنجي چوڌاري جيڪي منهنجا دشمن آهن، تن تي هاڻي منهنجو ڪنڌ مٿي ٿيندو؛ ۽ آءٌ هن جي خيمي ۾ خوشيءَ جون قربانيون چاڙهيندس؛ آءٌ ڳائيندس، هائو آءٌ خداوند جي تعريف ڳائيندس.


خداوند منهنجي طاقت ۽ منهنجي ڍال آهي؛ انهيءَ تي منهنجيءَ دل جو ڀروسو آهي، ۽ مون کي مدد ملي آهي: تنهن ڪري منهنجي دل ڏاڍي خوش آهي؛ ۽ آءٌ گيت ڳائي سندس تعريف ڪندس.


پر ڄاڻي وٺو تہ خداوند ديندار کي پنهنجي لاءِ چونڊي رکيو آهي؛ جڏهن آءٌ خداوند کي پڪاريندس، تڏهن هو منهنجي ٻڌندو.


خدا کان منهنجي نجات ۽ منهنجي شوڪت آهي: خدا ئي منهنجي طاقت جو قلعو ۽ منهنجي نجات آهي.


ڇو جو خداوند خدا سج ۽ ڍال آهي: خداوند فضل ۽ جلال ٿو بخشي: جيڪي سچائيءَ تي ٿا هلن تن کان هو ڪابہ چڱي شيءِ روڪي ڪين رکندو.


اسرائيل جو سارو نسل انهي ۾ سچو ثابت ٿيندو، ۽ انهي تي فخر ڪندو.


اڳتي وري توکي ڏينهن جي سوجهري لاءِ سج جي ضرورت ڪانہ پوندي، نڪي چنڊ روشنائيءَ لاءِ توتي چمڪندو: پر خداوند تو لاءِ هميشہ جي روشني ٿيندو، ۽ تنهنجو خدا تنهنجو جلال ٿيندو.


تہ هو غير قومن کي روشني ڏيڻ لاءِ نور، ۽ تنهنجي اُمت اسرائيل جي وڏائي ٿئي.“


اي اسرائيل، تون مبارڪ آهين: خداوند توکي بچايو آهي، تو جهڙي ٻي ڪهڙي قوم آهي، خداوند تنهنجي مدد جي ڍال، ۽ تنهنجيءَ وڏائيءَ جي ترار آهي! تنهنجا دشمن اچي تو وٽ پيش پوندا؛ ۽ تون اُنهن جا مٿانهان مڪان لتاڙي ڇڏيندين.


جنهن ۾ خدا جو جلال هو: انهي جو چمڪاٽ تمام قيمتي جواهر جهڙو هو، ڄڻ تہ زبرجد، بلور جهڙو صاف.


۽ انهي شهر کي روشنيءَ لاءِ سج جي گهُرج ڪانہ هئي، نڪا چنڊ جي؛ ڇالاءِ جو خدا جو جلال کيس روشن ٿو ڪري، ۽ گهيٽو سندس چراغ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ