2 گهڻيئي منهنجيءَ جان جي بابت چون ٿا تہ هن کي خدا وٽان مدد ڪانہ ملندي.
2 ڪيترائي آهن جيڪي مون لاءِ هيئن ٿا چون تہ ”هن کي خدا وٽان ڪابہ مدد ڪانہ ملندي.“
جڏهن ماڻهو اسان جي برخلاف کڙا ٿيا هئا، تڏهن جي خداوند اسان جي پاسي نہ هجي ها:
جيڪي مون کي ڏسن ٿا سي کلن ٿا: ۽ وات ڦاڙي ۽ ڪنڌ ڌوڻي چون ٿا،
مون خداوند کي پڪاريو، ۽ هن پنهنجي پاڪ جبل تان مون کي جواب ڏنو.
نجات خداوند وٽان آهي؛ شل تنهنجي برڪت تنهنجي اُمت تي هجي.
اي آدمزادا، اوهين ڪيستائين منهنجي جلال جي بيعزتي ڪندا؟ ڪيستائين بيهودگيءَ کي چاهيندا، ۽ ڪوڙ کي ڳوليندا؟
ڊڄندا رهو، ۽ گناهہ نہ ڪريو؛ پنهنجي هنڌ تي ليٽي دل ۾ هنڊايو، ۽ ماٺ ۾ رهو.
جڏهن منهنجا دشمن مون کي طعنا هڻي سڄو ڏينهن پيا چون تہ تنهنجو خدا ڪٿي آهي؟ تڏهن ڄڻ تہ منهنجين هڏين ۾ ترار ٿي چُڀي.
منهنجا لڙڪ ڏينهن رات منهنجو کاڌو ٿي رهيا آهن، ۽ هو مون کي سڄو ڏينهن پيا چون تہ تنهنجو خدا ڪٿي آهي؟
اهي چون ٿا تہ خدا هن کي ڇڏي ڏنو آهي: هن جي پٺيان پئو؛ ۽ جهليوس؛ ڇو تہ ڪوبہ ڇڏائڻ وارو ڪونهيس.
تون پنهنجي قوم جي نجات لاءِ، پنهنجي مسح ڪيل جي ڇوٽڪاري لاءِ آيو آهين. تو شريرن جي گهر جي ڇت ڪيرائي ڇڏي ۽ سندن بنياد بلڪل اُگهاڙا ڪري ڇڏيا.
خداوند تيمان مان آيو، ۽ پاڪ خدا فاران جي جبل تان. هن جي جلال آسمانن کي ڍڪي ڇڏيو، ۽ زمين هن جي تعريف سان معمور هئي.
تنهنجي ڪمان ظاهر ڪئي ويئي؛ قومن سان ڪيل عهد قائم آهي. تو زمين کي ندين سان چيري ڇڏيو.