Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 26:8 - Sindhi Bible

8 اي خداوند، آءٌ تنهنجي رهڻ جي گهر، ۽ تنهنجي جلال واريءَ جاءِ کي پيار ٿو ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 اي خداوند! جتي تون رهين ٿو، هائو، جنهن جاءِ ۾ تنهنجو جلوو ٿو چمڪي، تنهن سان آءٌ پيار ڪريان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 26:8
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بادشاهہ صدوق کي چيو تہ خدا جي صندوق موٽائي شهر ۾ کڻي وڃ: جيڪڏهن آءٌ خداوند جي نظر ۾ مان لهندس تہ هو مون کي وري آڻيندو، ۽ اُها ۽ پنهنجي رهڻ جي جاءِ، ٻئي مون کي ڏيکاريندو:


انهيءَ کان سواءِ وڌيڪ، ڇالاءِ جو مون کي خدا جي گهر جي لنؤ لڳي، ۽ مون وٽ سون ۽ چانديءَ جو خانگي خزانو آهي، تنهنڪري آءٌ انهيءَ کي بہ انهن سڀني شين کانسواءِ جي مون پاڪ گهر جي لاءِ تيار ڪيون آهن، سي پنهنجي خدا جي گهر لاءِ ڏيان ٿو؛


جنهنڪري ڪاهن انهيءَ ڪڪر جي سبب خدمت ڪرڻ لاءِ بيهي نہ سگهيا: ڇالاءِ جو خداوند جي جلال سان خدا جو گهر ڀرجي ويو.


هاڻي جڏهن سليمان دعا گهري بس ڪئي، تڏهن آسمان مان باهہ هيٺ لهي آئي ۽ سوختني قرباني ۽ ٻيون قربانيون ساڙي ڇڏيائين؛ ۽ خداوند جي جلال گهر کي ڀري ڇڏيو.


۽ ڪاهن خداوند جي گهر ۾ گهڙي نہ سگهيا، ڇالاءِ جو خداوند جي جلال گهر کي ڀري ڇڏيو هو.


خداوند اسان جي خدا جي گهر جي سببان آءٌ تنهنجو خير گهرندس.


جڏهن آءٌ اهي ڳالهيون ياد ٿو ڪريان، تہ ڪيئن جماعت خوشيءَ ۽ تعريف جي آواز سان وڏو ڏينهن ٿي ملهايو، جنهن جماعت سان گڏجي آءٌ خدا جي گهر ۾ ويندو هوس، تڏهن منهنجي جان فڪرمند ٿي ٿئي.


ڇالاءِ جو تنهنجيءَ درگاهہ ۾ هڪڙو ڏينهن هزار ڏينهن کان بهتر آهي. بڇڙن جي تنبن ۾ رهڻ کان مون کي پنهنجي خدا جي گهر جو دربان ٿيڻ پسند آهي.


خداوند مون کي بچائڻ لاءِ تيار آهي: تنهن ڪري اسين ساري عمر خداوند جي گهر ۾، تار وارن سازن تي پنهنجا راڳ ڳائينداسين.


حزقياہ ائين بہ چيو هو تہ آءٌ خداوند جي گهر ۾ ويندس انهي جي ڪهڙي نشاني آهي؟


تڏهن روح مون کي مٿي کنيو ۽ مون پنهنجي پٺيان هڪڙو وڏو سٽڪي جهڙو آواز ٻڌو، جنهن چيو تہ شل خداوند جو جلال پنهنجي جاءِ تي مبارڪ هجي.


۽ هيئن ٿيو جو ٽن ڏينهن کانپوءِ هنن هيڪل ۾ ڳولي اچي لڌس، جتي هو عالمن جي وچ ۾ ويٺو هو، ۽ سندن ڳالهيون بہ پئي ٻڌائين ۽ کانئن سوال بہ پئي پڇيائين:


تنهن تي هن چين تہ مون کي ڇو ٿي ڳوليوَ؟ اوهان ائين نٿي ڄاتو تہ اهو ضروري آهي تہ آئون پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ هجان؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ