Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 24:3 - Sindhi Bible

3 ڪير خداوند جي جبل تي چڙهندو؟ ۽ ڪير سندس پاڪ مڪان ۾ بيهندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 اهي ڪير آهن، جيڪي خداوند جي جبل مٿان چڙهي سگھندا؟ اهي ڪير آهن، جيڪي سندس مقدس هيڪل ۾ حاضر ٿي سگھندا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 24:3
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود پنهنجي لاءِ دائود جي شهر ۾ گهر جوڙايا؛ ۽ خدا جي صندوق لاءِ بہ هڪڙي جاءِ تيار ڪرايائين، ۽ اُنهيءَ لاءِ هڪڙو تنبو کوڙايائين.


اي خداوند، ڪير تنهنجي خيمي ۾ ٽڪندو؟ ڪير تنهنجي پاڪ جبل تي رهندو؟


۽ چوندو تہ مون پنهنجي بادشاهہ کي پاڪ جبل صيون تي ويهاريو آهي.


مبارڪ آهي اُهو ماڻهو جنهن کي تون چونڊي پاڻ وٽ اچڻ ٿو ڏين، تہ اهو تنهنجيءَ درگاهہ ۾ رهي: اسين تنهنجي گهر، يعني تنهنجيءَ پاڪ هيڪل جي چڱين شين سان آسودا ٿينداسين.


تون مٿي چڙهي ويو آهين، ۽ قيدين کي ساڻ وٺي ويو آهين؛ توکي ماڻهن کان، بلڪ فسادين کان نذرانا مليا آهن؛ تہ خداوند خدا انهن منجهہ رهي.


۽ خداوند مون کي فرمايو تہ اي آدمزاد، ڌيان ڏي، جيڪي آءٌ توکي خداوند جي گهر جي رسمن، ۽ انهي جي قانون بابت چوان سو سڀ پنهنجي اکين سان ڏس، ۽ پنهنجن ڪَنن سان ٻڌ؛ گهر ۾ گهڙڻ جي جاءِ کي، ۽ پاڪ مڪان مان سڀني نڪرڻ جي جاين کي ڌيان ڏيئي ڏس.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڪوبہ ڌاريو ماڻهو، جو دل جو اڻ طهريل ۽ جسم جو اڻ طهريل آهي، سو بني اسرائيل ۾ رهندڙ ڌارين ماڻهن مان منهنجي پاڪ مڪان ۾ نہ گهڙي.


تڏهن موسيٰ هارون کي چيو تہ، هيءَ اها ئي ڳالهہ آهي جا خداوند فرمائي هئي، تہ جيڪي منهنجي ويجهو ايندا، تن ۾ آءٌ پاڪ سمجهيو ويندس، ۽ سڀني ماڻهن جي اڳيان منهنجو جلال ظاهر ٿيندو: ۽ هارون ماٺ ڪري بيهي رهيو.


ڏسو آءٌ پنهنجو پيغمبر موڪليندس، ۽ هو منهنجي اڳيان راهہ تيار ڪندو: ۽ خداوند، جنهن جا اوهين طالب آهيو، سو اوچتو پنهنجي هيڪل ۾ ايندو؛ ڏسو، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ عهد جو پيغمبر، جنهن جا اوهين خواهشمند آهيو، اُهو ايندو.


شمعون پطرس چيس، تہ اي خداوند، تون ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ يسوع جواب ڏنو تہ جيڏانهن آئون وڃان ٿو، اوڏانهن تون هينئر منهنجي پٺيان اچي ڪين سگهندين، پر پوءِ تون منهنجي پٺيان ايندين.


يسوع چيس تہ مون کي هٿ نہ لاءِ، ڇو جو آئون اڃا پيءُ وٽ چڙهي نہ ويو آهيان: پر منهنجن ڀائرن وٽ وڃ، ۽ چئينِ تہ آئون چڙهي وڃان ٿو پنهنجي پيءُ ۽ اوهان جي پيءُ وٽ، پنهنجي خدا ۽ اوهان جي خدا وٽ.


تنهنڪري اچو تہ جيڪا بادشاهت لڏڻ جي نہ آهي، سا حاصل ڪري اهو فضل هٿ ڪريون، جنهن ڪري اهڙي ادب ۽ خوف سان عبادت ڪريون، جو اُها خدا کي پسند اچي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ