زبور 24:2 - Sindhi Bible2 ڇالاءِ جو هن اُنهي جو بنياد سمنڊ تي رکيو آهي، ۽ پاڻي جي مٿان اُنهن کي قائم ڪيو اٿس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible2 هن سمنڊن جي تري تائين زمين جو بنياد رکيو آهي، بيشڪ هن انهيءَ کي بحرن جي مٿان قائم ڪيو آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون کان نٿا ڊڄو ڇا؟ اوهين منهنجي حضور ۾ ڪين ڏڪندا ڇا، مون کان، جنهن سمنڊ جي حد لاءِ واري اهڙي مدامي حڪم سان قائم ڪئي آهي جو اهو انهي کان لنگهي نٿو سگهي، ۽ جيتوڻيڪ ان جون لهرون زور سان اُڇلجن ٿيون، تہ بہ اهي غالب پئي نہ ٿيون سگهن، ۽ جيتوڻيڪ اُهي شور ٿيون ڪن، تہ بہ اُهي لنگهي نہ ٿيون سگهن.