Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 22:8 - Sindhi Bible

8 تہ هن خداوند تي ڀاڙيو آهي؛ ڀلي تہ اُهو ڇڏائيس: اُهو جو منجهانئس خوش آهي ۽ سو ڀلي تہ ڇڏائيس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 ”جيڪڏهن هن جي خدا تي توڪل آهي، تہ پوءِ اهو کيس ڇو نہ ٿو بچائي! جيڪڏهن اُهو کانئس خوش آهي، تہ پوءِ کيس ڇو نہ ٿو ڇڏائي!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 22:8
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇو جو هن مون سان دل لڳائي آهي، تنهن ڪري آءٌ کيس ڇڏائيندس: هن منهنجو نالو سڃاتو آهي، تنهن ڪري آءٌ کيس سرفراز ڪندس.


منهنجي مصيبت جي ڏينهن اهي مون تي ڪاهي آيا: پر خداوند منهنجو آسرو هو.


هن اڃا ڳالهايو ئي پئي، تہ ڏسو، هڪڙي چمڪندڙ ڪڪر اچي مٿن ڇانوَ ڪئي: ۽ انهي ڪڪر مان آواز آيو، تہ هي منهنجو پيارو پٽ آهي، جنهن مان آئون گهڻو خوش آهيان، اوهين هن جي ٻڌو.


۽ ڏسو، آسمان مان هڪڙو آواز آيو تہ هيءُ منهنجو پيارو پٽ آهي، جنهن مان آئون ڏاڍو خوش آهيان.


ڏسو منهنجو بندو، جنهن کي آءٌ سنڀاليو اچان؛ منهنجو چونڊيل، جنهن مان منهنجي دل راضي آهي: مون پنهنجو روح انهيءَ تي نازل ڪيو آهي؛ هو قومن ۾ عدالت جاري ڪندو.


پنهنجا ڪم خداوند جي حوالي ڪر تہ پوءِ تنهنجا ارادا قائم رهندا.


پنهنجو بار خداوند تي رک، تہ هو توکي سنڀاليندو: هو راستبازن کي ڪڏهن بہ لوڏو کائڻ ڪين ڏيندو.


پنهنجون واٽون خداوند جي حوالي ڪر؛ ۽ مٿس ڀروسو رک، هو پاڻيهي تنهنجو مطلب پورو ڪندو.


۽ خلق بيٺي ڏٺو: ۽ سردارن پڻ مٿس چٿرون ڪري پئي چيو تہ ٻين کي تہ بچايائين، هاڻ جي هيءُ خدا جو مسيح ۽ سندس چونڊيل آهي، تہ پاڻ کي بچائي.


”ڏسو منهنجو بندو، جنهن کي مون چونڊيو آهي، منهنجو پيارو جنهن مان منهنجي دل راضي آهي. آئون مٿس پنهنجو روح نازل ڪندس، ۽ اهو غير قومن کي عدالت جي خبر ڏيندو.


اهي چون ٿا تہ خدا هن کي ڇڏي ڏنو آهي: هن جي پٺيان پئو؛ ۽ جهليوس؛ ڇو تہ ڪوبہ ڇڏائڻ وارو ڪونهيس.


جڏهن منهنجا دشمن مون کي طعنا هڻي سڄو ڏينهن پيا چون تہ تنهنجو خدا ڪٿي آهي؟ تڏهن ڄڻ تہ منهنجين هڏين ۾ ترار ٿي چُڀي.


آءٌ بہ اوهان وانگر ڳالهائي ٿي سگهيس؛ جيڪڏهن اوهان جي جان منهنجي جان جي جاءِ تي هجي تہ جيڪر آءٌ لفظ ڳنڍي اوهان جي سامهون ڪريان، ۽ پنهنجو مٿو اوهان تي لوڏيان.


آءٌ هنن جي نظر ۾ طعني جوڳو ٿيو آهيان: اهي مون کي ڏسي ڪنڌ ٿا لوڏين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ