آءٌ انهيءَ ماڻهو جهڙو آهيان جنهن تي سندس پاڙيسري کل ٺٺولي ٿو ڪري، اهڙو ماڻهو جنهن خدا کي سڏيو پر هن ورندي نہ ڏنيس: انصاف واري ۽ ڪامل انسان تي کل ٺٺولي ٿئي ٿي.
آءٌ بہ اوهان وانگر ڳالهائي ٿي سگهيس؛ جيڪڏهن اوهان جي جان منهنجي جان جي جاءِ تي هجي تہ جيڪر آءٌ لفظ ڳنڍي اوهان جي سامهون ڪريان، ۽ پنهنجو مٿو اوهان تي لوڏيان.