9 اي خداوند، بچاءِ: جڏهن اسين پڪاريون تڏهن بادشاهہ اسان جي ٻڌي.
9 اي خداوند! تون بادشاهہ کي فتح بخش، ۽ اسان جي دعائن کي قبول فرماءِ.
اي منهنجا بادشاهہ منهنجا خدا، منهنجي پڪار ٻڌ؛ ڇالاءِ جو آءٌ تو کان دعا ٿو گهران.
اي خدا، تون منهنجو بادشاهہ آهين: يعقوب جي ڇوٽڪاري لاءِ حڪم جاري ڪر.
پر جيڪي عجب جهڙا ڪم پئي ڪيائين، سي جڏهن سردار ڪاهنن ۽ فقيهن ڏٺا، ۽ انهن ٻارن کي ڏٺائون، جن هيڪل ۾ رڙيون ڪري پئي چيو تہ هوشعنا ابن دائود کي، تڏهن کين ڏاڍي چڙ لڳي.
خدا قديم وقت کان وٺي منهنجو بادشاهہ آهي، جو زمين تي نجات ٿو ڏئي.
۽ ماڻهن جا ميڙاڪا جي سندس اڳيان ۽ پٺيان پئي هليا، تن وڏي آواز سان چيو، تہ هوشعنا ابن دائود کي، مبارڪ آهي اُهو جو خداوند جي نالي اچي ٿو، عالم بالا ۾ هوشعنا!
اي دروازا، اوهين پنهنجا سردر مٿي ڪريو؛ اي قديم در، اوهين مٿانهان ٿيو: تہ جلال وارو بادشاهہ اندر ايندو.
اي خدا، مون توکي سڏيو آهي، ڇو جو تون منهنجي ٻڌندين: مون ڏانهن پنهنجو ڪن ڏي، ۽ منهنجي ڳالهہ ٻُڌ.
اي خداوند، اُٿ، اي منهنجا خدا مون کي بچاءِ؛ ڇالاءِ جو تو منهنجن سڀني دشمنن جي ڳلن تي لپاٽون هنيون آهن؛ ۽ بڇڙن جا ڏند ڀڃي ڇڏيا اٿيئي.
پر جيڪي خداوند جا منتظر ٿا رهن، سي نئون زور حاصل ڪندا؛ اهي عقابن وانگي کنڀن سان چڙهندا؛ اهي ڊوڙندا ۽ ٿڪبا ڪين، اهي هلندا ۽ ماندا ڪين ٿيندا.