3 شل تنهنجا سڀ نذرانا ياد رکي، ۽ تنهنجون سوختني قربانيون قبول ڪري؛
3 شل هو تنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون دل تي ياد رکي! هائو، شل هو تنهنجا سڀ نذرانا قبول ڪري!
۽ هابل بہ پنهنجين رڍن ٻڪرين مان پهريان ڦر ۽ چرٻي آندي. ۽ خداوند هابل ۽ سندس نذراني کي قبول ڪيو:
پوءِ اُتي دائود خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي، ۽ سوختني قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهي خداوند کان دعا گهريائين؛ ۽ هن کيس آسمان مان سوختني قربانيءَ جي قربانگاهہ تي باهہ موڪلي جواب ڏنو.
هاڻي جڏهن سليمان دعا گهري بس ڪئي، تڏهن آسمان مان باهہ هيٺ لهي آئي ۽ سوختني قرباني ۽ ٻيون قربانيون ساڙي ڇڏيائين؛ ۽ خداوند جي جلال گهر کي ڀري ڇڏيو.
خداوند توکي صيون منجهان برڪت ڏيندو: ۽ تون پنهنجي سڄي ڄمار يروشلم جي ڀلائي ڏسندين.
خداوند توکي صيون مان برڪت ڏيندو؛ يعني اُهو جنهن آسمان ۽ زمين کي جوڙيو آهي.
پوءِ تون سچائيءَ جي قربانين، ۽ سوختني قرباني، ۽ پوري سوختني قربانيءَ ڪري خوش ٿيندين: ۽ هو تنهنجي قربانگاهہ تي ڍڳا چاڙهيندا.
قيدار جا سڀ ڌڻ تو وٽ گڏ ٿيندا، ۽ نبايوت جا گهٽا تنهنجي خدمت ڪندا: اهي منهنجيءَ قربانگاهہ تي قبول پوندا، ۽ آءٌ پنهنجي جلال جي گهر کي وڌيڪ جلالي ڪندس.
۽ خداوند جي حضور مان باهہ نڪتي ۽ قربانگاهہ تي جيڪا سوختني قرباني ۽ چرٻي رکيل هئي، تنهن کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيائين: ۽ جڏهن سڀني ماڻهن اهو حال ڏٺو، تڏهن نعرا هڻي سجدو ڪيائون.
۽ هن ڏانهنس چتائي نهاريو، ۽ ڊڄي ڊڄي چيائين، تہ اي خداوند ڇا آهي؟ هن چيس تہ تنهنجون دعائون ۽ تنهنجون خيراتون خدا جي حضور ۾ قبول پيون آهن.
۽ محبت سان هلو، جيئن ڪ مسيح بہ اوهان کي پيار ڪيو، ۽ اسان جي لاءِ پاڻ کي پاڻهي خوشبوءِ وانگر خدا جي اڳيان نذرانو ۽ قرباني ڪري ڏيئي ڇڏيائين.
۽ اوهين بہ زندہ پهڻن وانگر اڏجي روحاني گهر بڻجو، انهي لاءِ تہ هڪڙي ڪاهنن جي پاڪ جماعت ٿي، اهڙيون روحاني قربانيون چاڙهيو جي يسوع مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول ٿيون پون.