6 ۽ چوندو تہ مون پنهنجي بادشاهہ کي پاڪ جبل صيون تي ويهاريو آهي.
6 هو کين چوي ٿو تہ ”مون تہ پنهنجي پاڪ جبل صيئون تي، پنهنجو ئي بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.“
اي خدا تنهنجو تخت هميشہ تائين قائم آهي: صداقت جو عصو تنهنجي بادشاهيءَ جو عصو آهي.
صيون جو سونهن ۾ ڪامل آهي، تنهن مان خدا جو جلوو ظاهر ٿيو آهي.
پر يهوداہ جي قبيلي کي چونڊي، صيون جبل کي پسند ڪيائين.
آءٌ هن کي پنهنجو پهريتو ڪندس، ۽ زمين جي بادشاهن ۾ سڀني کان اعليٰ ڪندوسانس.
ڏسو، مون هن کي اُمتن جي لاءِ شاهد، ۽ انهن جي لاءِ منهندار ۽ سردار مقرر ڪيو آهي.
خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ ديودار جي مٿانهين چوٽيءَ مان ٽاري کڻندس ۽ اُها لڳائيندس؛ آءٌ هن جي چوٽيءَ وارين ننڍين ٽارين مان هڪڙي سنهڙي ٽاري وڍيندس ۽ اُها هڪڙي وڏي ۽ مٿانهين جبل تي پوکيندس:
۽ انهن بادشاهن جي ڏينهن ۾ آسمان وارو خدا هڪڙي بادشاهت برپا ڪندو جا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي، ۽ نہ انهي جي بادشاهت ٻي ڪنهن قوم کي ملندي؛ پر اُها ٻيون سڀ بادشاهتون ڀڃي پرزا پرزا ڪري چٽ ڪندي، ۽ پاڻ هميشہ لاءِ قائم رهندي.
خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ صيون ۾ موٽي آيو آهيان، ۽ يروشلم ۾ رهندس: ۽ يروشلم جو نالو سچائيءَ جو شهر سڏبو؛ ۽ لشڪرن جي خداوند جو جبل، پاڪ جبل سڏبو.
۽ يسوع وٽن اچي ساڻن ڳالهايو ۽ چيائين تہ آسمان ۽ زمين تي سڀ اختياري مون کي ڏني ويئي آهي.
۽ سڀ ڪجهہ هن جي پيرن هيٺ ڪري ڇڏيائين، ۽ کيس ڪل ڪليسيا جو سردار مقرر ڪيائين،
پر اوهين صيون جبل وٽ، زندہ خدا جي شهر، يعني آسمان واري يروشلم وٽ آيا آهيو، ۽ ملائڪن جي بيشمار لشڪر وٽ؛
۽ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ اهو گهيٽو صيون جبل تي بيٺو آهي، ۽ ساڻس گڏ هڪ لک چوئيتاليهہ هزار ماڻهو آهن، جن جي پيشانين تي سندس نالو ۽ سندس پيءُ جو نالو لکيل هو.