11 ڊڄندي ڊڄندي خداوند جي عبادت ڪريو، ڏڪندي ڏڪندي خوشي ملهايو.
11 اوهين ڊڄندي ڊڄندي خداوند جي عبادت ڪريو. هائو، کانئس ڏڪندي ڏڪندي سندس بندگي ڪريو.
هو اهڙو خدا آهي جو پاڪ ماڻهن جي جماعت ۾ تعظيم جي لائق آهي؛ ۽ جيڪي سندس آس پاس آهن تن سڀني کان هو وڌيڪ هيبتناڪ آهي.
خداوند بادشاهي ٿو ڪري؛ ڀلي تہ زمين خوشي ڪري؛ ۽ ڀلي تہ بيشمار ٻيٽ سرها ٿين.
خداوند بادشاهي ٿو ڪري؛ ڀلي تہ قومون ڏڪن: هو ڪروبين تي ويٺو آهي؛ ڀلي تہ زمين لڏي.
سو اي منهنجا پيارا ڀائرو، جيئن اوهين هميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آهيو، تيئن نہ رڳو منهنجي حاضريءَ ۾، پر هاڻي منهنجي غير حاضريءَ ۾، اڳي کان بہ زيادہ ڊڄندي ۽ ڏڪندي پنهنجي نجات جو ڪم پورو ڪندا رهو؛
خبردار متان اُنهي کان انڪار ڪريو جو ڳالهائي ٿو. ڇالاءِ جو جڏهن اُهي ماڻهو جن زمين تي هدايت ڪرڻ وارن کان انڪار ڪيو، سي بچي نہ سگهيا، تڏهن اسين آسمان مان هدايت ڪرڻ واري کان منهن موڙي ڪيئن بچي سگهنداسين.