Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 2:10 - Sindhi Bible

10 تنهن ڪري اي بادشاهو، هاڻي اوهين ڏاها ٿيو: ۽ اي ملڪ جا قاضي، اوهين هدايت وٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 تنهنڪري اي بادشاهؤ! هاڻي اوهين ڏاها ٿيو. هائو، اي ڌرتيءَ جا حڪمرانؤ! هاڻي اوهين هدايت وٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 2:10
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

صور جي ڌيءَ نذرانو آڻي اتي حاضر ٿيندي؛ ۽ قوم جا دولتمند ماڻهو تنهنجي نوازش گهرندا.


۽ بادشاهہ تنهنجا پاليندڙ ابا، ۽ انهن جون راڻيون تنهنجون پاليندڙ اميون ٿينديون: اهي تنهنجي اڳيان جهڪي پنهنجا منهن پٽ تي رکندا، ۽ تنهنجي پيرن جي مٽي چٽيندا، ۽ تون ڄاڻندينءَ تہ آءٌ خداوند آهيان، ۽ جيڪي منهنجا منتظر آهن سي شرمندا نہ ٿيندا.


تيئن هو گهڻين قومن کي حيران ڪري ڇڏيندو؛ هن جي سامهون بادشاهہ پنهنجا وات بند ڪندا: ڇالاءِ تہ جيڪي انهن کي چيو نہ ويو هو، سو اهي ڏسندا، ۽ جيڪي انهن نہ ٻڌو هو سو اهي سمجهندا.


۽ تنهنجيءَ روشنائي تي قومون اينديون، ۽ تنهنجي اُڀرڻ جي چمڪاٽ تي بادشاهہ ايندا.


اي يروشلم، تون ڪي سمجهہ، متان منهنجو روح تو کان ڇڄي ڌار ٿئي؛ متان آءٌ توکي ويران ڪري ڇڏيان، ۽ اهڙي زمين ڪريان جنهن ۾ ڪوبہ ڪونہ رهي.


ڪير ڏاهو آهي، جو هي ڳالهيون سمجهي؟ ڪير سياڻو آهي تہ اُهي معلوم ڪري؟ ڇالاءِ جو خداوند جا رستا سنوان آهن، ۽ نيڪ ماڻهو انهن تي هلندا؛ پر گنهگار انهن تي ڪِري پوندا.


۽ هيئن ٿيندو تہ دنيا جي سڀني قبيلن تي، جي بادشاهہ، لشڪرن جي خداوند جي اڳيان سجدو ڪرڻ لاءِ يروشلم ۾ نہ ايندا، انهن تي مينهن نہ وسندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ