1 قومون ڇو ٿيون ڪاوڙجن، ۽ ماڻهو اجايا خيال ڇو ٿا ڪن؟
1 غير قومون ڇو بغاوت ٿيون ڪن؟ اهي ڇو اجايا منصوبا ٿيون جوڙين؟
پوءِ مون اُنهن کي ماري هوا ۾ اُڏامندڙ مٽيءَ جهڙو ڪري ڇڏيو: ۽ گهٽيءَ جي گپ وانگر کين اُڇلائي ڦٽو ڪيم.
ڇالاءِ جو اُنهن تنهنجي برخلاف برائي جو ارادو ڪيو: ۽ تجويز رٿيائون جا اُهي پوري ڪري نہ سگهيا.
قومون ڪاوڙيون، بادشاهتن کي لوڏو اچي ويو: اڃا هن پنهنجو آواز ڪڍيو تہ زمين ڳري ويئي.
لشڪرن جو خداوند اسان سان آهي: يعقوب جو خدا اسان جي پناهہ آهي.
اي خداوند آءٌ ماڻهن ۾ تنهنجا ٿورا ڳائيندس: آءٌ قومن ۾ تنهنجي تعريف ڳائيندس.
پنهنجي دشمنن جو آواز نہ وسار: جيڪي تنهنجي برخلاف کڙا ٿيا آهن تن جو گوڙ هر وقت جاري آهي.
اهي تُنهنجي اُمت جي برخلاف چالاڪيءَ جون صلاحون ٿا ڪن، ۽ جن تُنهنجي پناهہ ورتي آهي، تن جي برخلاف منصوبا ٿا رٿين.
اي قومون هل مچايو، پر اوهين ڀڄي پرزا پرزا ٿي وينديون؛ ۽ پرانهن ملڪن وارا اوهين سڀيئي ڪن ڏيو: پنهنجي چيلهہ ٻڌو، پر اوهين ڀڄي پرزا پرزا ٿيندا؛ پنهنجي چيلهہ ٻڌو، پر اوهين ڀڃي پرزا پرزا ٿيندا.
پر جڏهن انهن آبادگارن هن جي پٽ کي ڏٺو، تڏهن پاڻ ۾ چيائون تہ هي وارث آهي، اچو تہ هن کي ماري ڇڏيون، ۽ سندس ورثو هٿ ڪريون.
ڇالاءِ جو هو غير قومن جي حوالي ڪيو ويندو، ۽ اُهي ساڻس ٺٺوليون ڪندا، ۽ ساڻس جُٺيون ڪندا، ۽ مٿس ٿُڪون اُڇلائيندا:
تنهن تي هنن کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ کيس پيسن ڏيڻ جو واعدو ڪيائون.
سو خلق بہ گڏجي مٿن ڪاهي آئي؛ ۽ عملدارن سندن ڪپڙا ڦاڙي لاهي حڪم ڏنو، تہ ڦٽڪا هڻون.
پر هو هي ٻُڌي سڙي ويا، ۽ دل ۾ آين تہ هنن کي ماري وجهون.
اُهي گهيٽي سان جنگ ڪندا، ۽ گهيٽو مٿن غالب پوندو، ڇالاءِ جو هو خداوندن جو خداوند، ۽ بادشاهن جو بادشاهہ آهي؛ ۽ جيڪي سڏيل، ۽ چونڊيل، ۽ ايماندار هن سان آهن سي بہ غالب پوندا.