خدا جي حضور ۾ گيت ڳايو، هن جي نالي جي تعريف ڳايو: جو رڻ پٽ مان سواري ڪري ٿو لنگهي تنهن لاءِ سڙڪ تيار ڪريو؛ هن جو نالو يهوواہ آهي؛ اوهين خدا جي حضور ۾ سرها ٿيو.
۽ سينا جبل دونهين سان ڍڪجي ويو، ڇالاءِ جو خداوند باهہ جي صورت ۾ انهيءَ تي لٿو؛ ۽ انهيءَ جو دونهون کوري جي دونهين وانگر مٿي چڙهڻ لڳو، ۽ سارو جبل ڌڏڻ لڳو.