۽ جڏهن هن ماڻهن سان صلاح مصلحت ڪئي تڏهن هن ڪي ماڻهو مقرر ڪيا تہ اهي خداوند جي اڳيان ڳائين، ۽ جيئن لشڪر جي اڳيان هلندا هلن تيئن پاڪيزگيءَ جي جمال سان تعريف ڪن، ۽ چون تہ خداوند جي شڪرگذاري ڪريو؛ ڇالاءِ جو هن جي رحمت هميشہ جٽاءُ ڪندڙ آهي.
جڏهن هو ڳائڻ ۽ تعريف ڪرڻ لڳا، تڏهن خداوند بني عمون ۽ بني موآب ۽ بني شعير جبل، جي يهوداہ جي برخلاف ڪاهي آيا، تن جي برخلاف ڄڪ هڻڻ وارا ويهاري ڇڏيا؛ ۽ هنن شڪست کاڌي.
۽ هو ڊڄي ويندا؛ عذاب ۽ درد هنن کي وڪوڙي ويندا، سورن واري زال وانگي هنن کي سور ٿيندا: هو هڪ ٻئي جي حال تي حيران ٿيندا؛ هنن جا منهن باهہ جي شعلي جهڙا ٿيندا.