Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 18:2 - Sindhi Bible

2 خداوند منهنجو ٽڪر، ۽ منهنجو قلعو، ۽ منهنجو نجات ڏيندڙ آهي؛ منهنجو خدا، منهنجو مضبوط ٽڪر آهي، اُنهيءَ تي آءٌ ڀروسو رکندس: هو منهنجي ڍال ۽ منهنجيءَ نجات جو سڱ، ۽ منهنجو مٿانهون ٺلهہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 خداوند منهنجو حفاظت ڪندڙ آهي، هو منهنجو ڇڏائيندڙ ۽ منهنجو قلعو آهي. خدا ئي منهنجو محافظ آهي، جنهن وٽ آءٌ پناهہ وٺان ٿو. هو منهنجي حفاظت ڪري مون کي بچائي ٿو، هائو، هو ئي منهنجي جاءِ‌پناهہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 18:2
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند منهنجو ٽڪر آهي، جنهن تي منهنجو ڀروسو آهي؛ منهنجي سپر آهي، ۽ منهنجي ڇوٽڪاري جو سڱ، منهنجو مٿانهون ٺلهہ، ۽ منهنجي پناهہ آهي؛ اي منهنجا ڇوٽڪارو ڏيندڙ، تون مون کي ظلم کان بچائين ٿو.


آءٌ خداوند کي پيار ٿو ڪريان. ڇو جو هن منهنجي دانهن ۽ منهنجا عرض ٻڌا آهن.


اتي آءٌ دائود جي لاءِ هڪڙو سڱ کڙو ڪندس؛ مون پنهنجي مسح ڪيل لاءِ هڪڙو ڏيئو تيار ڪيو آهي.


هو مون تي ٻاجهہ ڪندڙ ۽ منهنجو قلعو آهي، هو منهنجو اوچو ٺلهہ ۽ منهنجو نجات ڏيندڙ آهي: هو منهنجي ڍال آهي، انهي تي ئي منهنجو ڀروسو آهي؛ هو منهنجن ماڻهن کي منهنجي تابع ٿو ڪري.


منهنجي وات جون ڳالهيون ۽ منهنجيءَ دل جا خيال تو وٽ قبول پون، اي خداوند، منهنجي طاقت، ۽ منهنجا ڇڏائيندڙ.


اي خداوند، آءٌ توکي پڪاريندس؛ اي منهنجا ٽڪر، منهنجي ٻڌي اڻٻڌي نہ ڪر: متان ائين ٿئي تہ جڏهن تون مون ڏانهن خاموش رهين، تہ پوءِ آءٌ انهن جهڙو ٿيان جي قبر ۾ ٿا پون.


انهن کي قتل نہ ڪر، متان منهنجا ماڻهو وساري ڇڏين: اي خداوند اسان جي سپر پنهنجي قدرت سان انهن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڪيرائي ڇڏ.


رڳو اهو ئي منهنجو ٽڪر ۽ منهنجي نجات آهي: اهو ئي منهنجو اوچو ٺلهہ آهي؛ سو مون کي لوڏو ئي ڪين ايندو.


خدا کان منهنجي نجات ۽ منهنجي شوڪت آهي: خدا ئي منهنجي طاقت جو قلعو ۽ منهنجي نجات آهي.


آءٌ بڇڙن جا سڀيئي سڱ بہ وڍي ڇڏيندس؛ پر راستبازن جا سڱ بلند ڪيا ويندا.


آءٌ خداوند جي بابت چوندس تہ هو منهنجي پناهہ ۽ منهنجو قلعو آهي؛ هو منهنجو خدا آهي، ۽ انهي تي منهنجو ڀروسو آهي.


هو توکي پنهنجن کنڀن سان ڍڪيندو، ۽ سندس پرن هيٺ توکي پناهہ ملندي: هن جي سچائي ڍال ۽ سپر آهي.


خداوند منهنجي طاقت، ۽ منهنجو راڳ آهي، ۽ هو منهنجي نجات بڻيو آهي. هو منهنجو خدا آهي، آءٌ سندس تعريف ڪندس؛ هو منهنجي پيءُ جو خدا آهي؛ آءٌ انهيءَ جي بزرگي ظاهر ڪندس.


خداوند جو نالو مضبوط ٺلهہ وانگر آهي؛ سچو ڊوڙي انهيءَ ۾ وڃي ٿو ۽ صحيح سلامت رهي ٿو.


هو سچن جي لاءِ پوري ڏاهپ رکي ڇڏي ٿو، ۽ انهن جي سپر آهي، جي سچائيءَ تي هلن ٿا؛


هڪڙو ماڻهو واءُ کان لڪڻ جي جاءِ، ۽ طوفان کان پناهہ وانگيان ٿيندو؛ سڪيءَ زمين ۾ پاڻيءَ جي ندين وانگي، ۽ ماندائيءَ واري ملڪ ۾ وڏي ٽڪر جي ڇانوَ وانگي ٿيندو.


اي خداوند، منهنجا زور، ۽ منهنجا ڪوٽ، ۽ مصيبت جي ڏينهن منهنجا اجها، سڀ قومون زمين جي ڪنارن کان تو وٽ ئي اينديون، ۽ چوندا تہ اسان جي ابن ڏاڏن کي ورثي ۾ رڳو ڪوڙ مليا آهن، يعني اجايون شيون، اهڙيون شيون جن مان ڪوبہ فائدو ڪونهي.


۽ وري هي تہ ”آئون هن تي اعتقاد رکندس.“ ۽ وري هي تہ ڏس ”انهن ٻارن سميت جي خدا مون کي ڏنا آهن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ