مون تي رحم ڪر، اي خدا، مون تي رحم ڪر؛ ڇالاءِ جو منهنجي جان تنهنجي پناهہ ۾ آهي: هائو جيستائين هي آفتون ٽري نہ وڃن تيستائين آءٌ تنهنجن کنڀن جي پاڇي هيٺ پناهہ وٺندس.
ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جلال جي لاءِ هن مون کي انهن قومن ۾ موڪليو، جن اوهان کي ڦُريو لُٽيو آهي: ڇالاءِ جو جيڪو اوهان کي ڇُهي ٿو، سو هن جي اک جي ماڻڪيءَ کي ٿو ڇُهي.
اي يروشلم، اي يروشلم، تون جو نبين کي قتل ٿو ڪرين، ۽ جيڪي تو ڏانهن موڪليا وڃن ٿا، تن کي سنگسار ٿو ڪرين ۽ جيئن ڪڪڙ پنهنجن ٻچن کي پنهنجن کنڀن هيٺ گڏ ڪندي آهي، تيئن ڪيترا نہ ڀيرا مون تنهنجن ٻچن کي گڏ ڪرڻ ٿي گهريو، پر اوهان نہ مڃيو!
اي يروشلم، اي يروشلم، تون جو نبين کي قتل ٿو ڪرين، ۽ جيڪي تو ڏانهن موڪليا ٿا وڃن، تن کي سنگسار ٿو ڪرين! ڪيترا نہ ڀيرا مون، جيئن ڪڪڙ پنهنجن ٻچن کي پنهنجن کنڀن هيٺ گڏ ڪندي آهي، تيئن تنهنجن ٻچن کي گڏ ڪرڻ ٿي گهريو، پر اوهان نہ مڃيو!