Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 17:7 - Sindhi Bible

7 تون جو پنهنجي ساڄي هٿ سان انهن کي سندن دشمنن کان بچائين ٿو جي توتي ڀروسو ٿا رکن؛ پنهنجي عجيب مهرباني ڏيکار.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 جن کي تون پنهنجي زورآور هٿ سان دشمنن کان بچائين ٿو، هائو، جيڪي تنهنجي پناهہ ٿا وٺن، تن کي پنهنجي عجيب شفقت ڏيکار.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 17:7
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو ڪنهن کي طعنو هنيو آهي ۽ ڪنهن جي حق ۾ ڪفر بڪيو اٿيئي؟ ۽ ڪنهن تي تو پنهنجو وات پٽيو آهي، ۽ پنهنجيون اکيون مٿي کنيون آهن؟ يعني اسرائيل جي پاڪ خدا تي.


ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي خاطر ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي خاطر هي شهر پناهہ ڏيئي بچائيندس.


ڇالاءِ جو خداوند جون اکيون سڄيءَ زمين تي هيڏي هوڏي پيون ڊوڙن، انهيءَ لاءِ تہ جن جي دل هن ڏانهن سالم آهي، تن جي پاران هو پنهنجي طاقت ڏيکاري. هن ۾ تو بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي؛ ڇالاءِ جو اڄ کانپوءِ توکي جنگيون ڪرڻيون پونديون.


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ خداوند پنهنجي مسح ڪيل کي بچائي ٿو: هو پنهنجي ساڄي هٿ جي بچائڻ واري طاقت سان، پنهنجي پاڪ آسمان مان هن جي ٻڌندو.


خداوند مبارڪ هجي، ڇو جو هن هڪڙي مضبوط شهر ۾ مون تي عجيب مهرباني ڪئي آهي.


مون تڙ تڪڙ ۾ چيو تہ تو مونکي پنهنجيءَ نظر کان پري ڪيو آهي: پر جڏهن مون توکي پڪاريو تڏهن تو منهنجو عرض ٻڌو.


ڇالاءِ جو هنن پنهنجي ترار سان ملڪ قبضي ۾ نہ آندو، نڪي پنهنجيءَ ٻانهن سان پاڻ کي بچايائون؛ پر تنهنجي ساڄي هٿ، ۽ تنهنجيءَ ٻانهن، ۽ تنهنجي منهن جي سوجهري ائين ڪيو، ڇو جو تون مٿن مهربان هئين.


پنهنجي ساڄي هٿ سان اسان کي بچاءِ، ۽ اسان کي جواب ڏي: تہ تنهنجا محبوب ڇڏايا وڃن.


هن مصر جي ملڪ ۾ ضعن جي علائقي ۾ سندن ابن ڏاڏن جي روبرو عجيب ڪم ڪيا.


اي خداوند، تنهنجو ساڄو هٿ طاقت ۾ مشهور آهي. اي خداوند تنهنجي ساڄي هٿ دشمن کي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو آهي.


تون ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو آءٌ تو سان آهيان؛ همت نہ هار ڇو تہ آءٌ تنهنجو خدا آهيان: آءٌ توکي طاقت بخشيندس؛ هائو آءٌ تنهنجي مدد ڪندس؛ هائو، آءٌ پنهنجي سچائيءَ جي ساڄي هٿ سان توکي سنڀالي وٺندس.


هن کي خدا پنهنجي ساڄي هٿ تي سرفراز ڪيو، ۽ جيئن پيءُ اڳيئي واعدو ڪيو هوس، تيئن کيس پاڪ روح مليو، جو هن نازل ڪيو آهي، تنهنڪري هي اوهين ڏسو ۽ ٻُڌو ٿا.


۽ انهن خدا جي ٻانهي موسيٰ جو راڳ ۽ گهيٽي جو راڳ پئي ڳايو، تہ اي خداوند قادر مطلق، تنهنجا ڪم عظيم ۽ عجيب آهن؛ اي زمانن جا بادشاهہ، تنهنجا رستا سنوان ۽ سچا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ