Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 17:6 - Sindhi Bible

6 اي خدا، مون توکي سڏيو آهي، ڇو جو تون منهنجي ٻڌندين: مون ڏانهن پنهنجو ڪن ڏي، ۽ منهنجي ڳالهہ ٻُڌ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 اي خدا! آءٌ تو کي سڏيان ٿو جو تون ئي منهنجي ٻڌندين، مون ڏانهن پنهنجو ڪن ڏي ۽ منهنجو عرض ٻڌ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 17:6
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو هن مون ڏانهن پنهنجو ڪن ڏنو آهي، سو جيسين آءٌ جيئرو رهندس تيسين کيس پڪاريندو رهندس.


آءٌ پنهنجيءَ مصيبت جي ڏينهن توکي پڪاريندس؛ ڇو تہ تون منهنجي اونائيندين.


شل منهنجي دعا تنهنجي حضور ۾ پهچي؛ تون منهنجي دانهن تي پنهنجو ڪن ڏي:


پر آءٌ تہ خدا کي پڪاريندس: ۽ خداوند مون کي بچائيندو.


اي خداوند، پنهنجو ڪن ڏيئي ٻڌ، اي خداوند پنهنجون اکيون کولي ڏس، ۽ سنحيرب جون هي سڀيئي ڳالهيون جي هن جيئري خداوند جي ملامت ڪرڻ لاءِ چوائي موڪليون آهن سي ٻڌ.


تنهن ڪري هاڻي اي خداوند اسان جا خدا، تون اسان کي هن جي هٿ کان بچاءِ، تہ زمين جون سڀ بادشاهتون ڄاڻن، تہ رڳو تون ئي اڪيلو خداوند آهين.


ڊڄندا رهو، ۽ گناهہ نہ ڪريو؛ پنهنجي هنڌ تي ليٽي دل ۾ هنڊايو، ۽ ماٺ ۾ رهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ