Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 17:5 - Sindhi Bible

5 منهنجا قدم تنهنجين واٽن تي قائم رهيا آهن، منهنجا پير ترڪيا نہ آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 منهنجا قدم تنهنجيءَ واٽ تي ئي قائم رهيا آهن، ۽ انهيءَ کان ڪڏهن بہ نہ ٿڙيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 17:5
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجو پير هن جي قدمن ۾ قابو رهيو آهي؛ هن جو رستو آءٌ سنڀاليو ويٺو اچان ۽ ڪنهن پاسي مڙي نہ ويو آهيان.


پنهنجي ڪلام موجب منهنجيءَ چال کي درست ڪر، ائين نہ ٿئي جو ڪا برائي مون تي غالب پئجي وڃي.


هو تنهنجي پير کي ترڪڻ نہ ڏيندو: جيڪو توکي سنڀالي ٿو سو جهوٽو بہ ڪين کائيندو.


خداوند توکي سڀ ڪنهن برائيءَ کان سنڀاليندو؛ هو تنهنجي جان جي سنڀال ڪندو.


تو منهنجي هيٺان منهنجي قدمن جي واٽ ڪشادي ڪئي آهي، جنهن ڪري منهنجا پير ڪين ترڪيا آهن.


آءٌ پنهنجي دشمنن جي پٺيان پوندس، ۽ وڃي کين پهچندس: ۽ جيستائين اُنهن کي نابود نہ ڪندس تيستائين ڪين موٽندس.


ڇالاءِ جون مون چيو تہ ائين نہ ٿئي تہ اهي مون تي کلن؛ ۽ جڏهن منهنجو پير ترڪي تڏهن اهي مون تي پاڻ کي پڏائين.


اسان جي دل تو کان ڦري ڪانہ ويئي آهي، نڪي اسان جا پير تنهنجيءَ واٽ کان هٽيا آهن.


اي خداوند جنهن مهل مون چيو تہ منهنجو پير ترڪي ٿو؛ تنهن مهل تنهنجي رحم مون کي سنڀالي ورتو.


اي خداوند، مون کي خبر آهي تہ ماڻهوءَ جو رستو خود منجهس ناهي: اهو ماڻهوءَ جي اختيار ۾ نہ آهي تہ جيڏي وڻيس تيڏي پنهنجا قدم هلائي.


هو پنهنجي ٻانهن جا پير سنڀاليندو، پر شرير کي هو اونداهيءَ ۾ ماٺ ڪرائيندو؛ ڇالاءِ جو پنهنجي زور جي ڪري ڪوبہ انسان غالب نہ ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ