Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 17:1 - Sindhi Bible

1 اي خداوند، حق جي ڳالهہ ٻڌ، منهنجيءَ دانهن تي ڌيان ڏي؛ منهنجي دعا، جا ڪوڙ واري وات مان نٿي نڪري، تنهن تي ڪن ڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 اي خداوند! حق وارو عرض ٻڌ ۽ منهنجي دانهن تي ڌيان ڏي. منهنجي اها دعا ڪن ڏيئي ٻڌ جيڪا بي‌ريا چپن مان ٿي نڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 17:1
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ ڏانهنس ڪامل بہ رهيس، ۽ پاڻ کي پنهنجي گناهن کان روڪيم.


هاڻي منهنجون اکيون کليل رهنديون، ۽ منهنجا ڪن اُها دعا ٻڌندا جا هن هنڌ ڪرڻ ۾ ايندي.


هاڻي ڌيان سان ڪن ڏي، ۽ تنهنجيون اکيون کليل هجن، تہ پنهنجي ٻانهي جي دعا ٻڌين، جا آءٌ هن وقت، ڏينهن ۽ رات، تنهنجن ٻانهن، بني اسرائيل جي لاءِ ٿو گهران، ۽ ساڳئي وقت ۾ آءٌ بني اسرائيل جا اُهي گناهہ قبول ٿو ڪريان، جي اسان تنهنجي برخلاف ڪيا آهن: هائو، مون ۽ منهنجي پيءُ جي گهراڻي گناهہ ڪيو آهي.


جيتوڻيڪ منهنجي هٿن ۾ ظلم ڪونهي ۽ منهنجي دعا پاڪ آهي.


منهنجي مصيبت جي ڏينهن مون کان پنهنجو منهن نہ لڪاءِ: ۽ مون ڏانهن پنهنجو ڪن ڏي: جڏهن آءٌ توکي پڪاريان، تڏهن مون کي جلد جواب ڏي.


مون کي خبر آهي تہ خداوند ڏکين جو انصاف ڪندو، ۽ محتاجن کي حق ڏياريندو.


آءٌ پنهنجي آواز سان خداوند کي ٿو پڪاريان؛ آءٌ پنهنجي آواز سان خداوند کي منٿون ٿو ڪريان.


منهنجيءَ دانهن تي ڌيان ڏي؛ ڇو جو آءٌ ڏاڍو ذليل ٿيو آهيان: مون کي منهنجي ستائيندڙن کان ڇڏاءِ؛ ڇو جو اهي مون کان وڌيڪ زور وارا آهن.


اي خداوند منهنجي دعا ٻڌ، ۽ منهنجين منٿن تي ڪن ڏي: پنهنجي وفاداريءَ ۽ راستبازيءَ ۾ مون کي جواب ڏي.


خداوند انهن سڀني جي ويجهو آهي جي کانئس دعا ٿا گهرن، يعني انهن سڀني کي جي سچائيءَ سان دعا ٿا گهرن.


هن مون کي ڪڍي هڪڙي ڪشاديءَ جاءِ ۾ آندو؛ هن مون کي ڇڏايو، ڇالاءِ جو هو مون مان خوش هو. خداوند مون کي منهنجي راستبازيءَ موجب انعام ڏنو؛ ۽ منهنجي هٿن جي صفائيءَ موجب مونکي عيوضو ڏنائين.


منهنجو نالو ٻڌندي ئي، اُهي منهنجي فرمانبرداري ڪندا: پرديسي بہ اچي منهنجي پيش پوندا.


اي خدا منهنجو انصاف ڪر، ۽ بي دين قوم جي مقابلي ۾ منهنجي وڪالت ڪر: دغاباز ۽ بي انصاف ماڻهوءَ کان مون کي ڇڏاءِ.


اي منهنجا بادشاهہ منهنجا خدا، منهنجي پڪار ٻڌ؛ ڇالاءِ جو آءٌ تو کان دعا ٿو گهران.


ڏسو خدا منهنجو مددگار آهي: خداوند انهن مان آهي جي منهنجي ساهہ جا سنڀاليندڙ آهن.


منهنجي برخلاف جيڪا جنگ جوٽي هئائون، تنهن مان هن منهنجيءَ جان کي سلامت بچايو: ڇو جو مون سان وڙهڻ وارا گهڻا هئا.


اي خدا منهنجي دانهن ٻڌ، ۽ منهنجي دعا تي ڪن ڏي.


جڏهن آءٌ دلگير ٿيندس، تڏهن زمين جي ڇيڙي کان توکي پڪاريندس: مون کي انهيءَ ٽڪر تي وٺي هل جو مون کان مٿانهون آهي.


پر خدا سچ پچ منهنجي ٻڌي آهي؛ هن منهنجي دعا جي آواز تي ڪن ڏنو آهي.


خداوند ماڻهن جي عدالت ٿو ڪري: اي خداوند، منهنجي راستبازيءَ ۽ منهنجي سچائيءَ موجب منهنجو انصاف ڪر.


اي خدا، اي اسان جي ڍال، تون نظر ڪر، ۽ پنهنجي مسح ڪيل جي منهن ڏانهن نهار.


اي خداوند ڪن لائي مون کي جواب ڏي؛ ڇالاءِ جو آءٌ غريب ۽ محتاج آهيان.


اي خداوند، منهنجي دعا ڏانهن ڪن ڏي؛ ۽ منهنجي عرض جو آواز ٻڌ.


ڇالاءِ جو منهنجي جان ڏکن سان ڀرجي ويئي آهي، ۽ منهنجي ڄمار قبر کي ويجهي پوندي وڃي.


۽ خداوند فرمايو تہ هيءَ اُمت منهنجي ويجهو ٿي اچي، ۽ پنهنجي وات سان، ۽ پنهنجن چپن سان منهنجي تعظيم ٿي ڪري؛ پر پنهنجي دل مون کان پري ڪئي اٿس، ۽ منهنجو ڊپ رڳو ماڻهن جي حڪم ڪري اٿس، جو کين سيکاريو ويو آهي.


۽ انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ هن جي بي وفا ڀيڻ يهوداهہ پنهنجي سالم دل سان مون ڏي موٽي نہ آئي آهي، پر ڍونگ ڪري موٽي آهي.


”هيءَ اُمت پنهنجن چپن سان مون کي مانُ ٿي ڏئي، پر هنن جي دل مون کان پري آهي.


يسوع نتن ايل کي پاڻ وٽ ايندو ڏسي سندس نالي چيو تہ ڏسو، سچو اسرائيلي، جنهن ۾ ڪابہ ڏائي ڏنگي ڪانهي!


اي پيارو، جيڪڏهن اسان جي دل اسان کي ڏوهہ نہ ڏيندي، تہ خدا جي حضور ۾ اسان کي همت ٿيندي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ