Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 16:4 - Sindhi Bible

4 جيڪي خداوند کي ڇڏي ڪنهن ٻئي معبود کي ٿا مڃين، تن جا ڏک وڌندا ويندا: آءٌ انهن جي لاءِ رت واريون پيئڻ جون قربانيون ڪين چاڙهيندس، نڪي پنهنجيءَ زبان سان انهن جا نالا وٺندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 جيڪي غير معبودن ڏانهن ڊوڙن ٿا تن جا ڏک وڌندا ويندا. آءٌ انهن معبودن جي لاءِ رت وهائڻ جون قربانيون ڪين ڪندس، نہ ئي آءٌ پنهنجيءَ زبان سان ڪڏهن انهن جا نالا وٺندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 16:4
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يعقوب هيئن ڪيو، جو جنهن هنڌ خدا ساڻس ڳالهيون ڪيون هيون، تنهن هنڌ پهڻ جو هڪڙو ٿنڀ کڙو ڪيائين: ۽ انهيءَ تي خدا جي لاءِ پيئڻ واري قرباني ۽ تيل اوتيائين،


بڇڙي ماڻهوءَ تي گهڻيئي مصيبتون اينديون: پر جنهن جو ڀروسو خداوند تي آهي تنهن کي رحمت چوڌاري گهيري ويندي.


جيڪي گهڙيل مورتن کي سجدو ڪري پوڄا ٿا ڪن، ۽ جيڪي بتن جي ڪري پاڻ کي پڏائين ٿا، سي سڀ شرمندا ٿين: اي سڀ معبودو اوهين هن جي اڳيان سجدو ڪريو.


جيڪي ڳالهيون مون توکي چيو آهن، تن جي سنڀال رکج: ٻين معبودن جو نالو ئي نہ وٺج، نڪي تنهنجي واتان اهو ٻڌڻ ۾ اچي.


وادين جي لسن پهڻن ۾ تنهنجو حصو آهي؛ اُهي تنهنجي نصيب ۾ آهن: انهن ئي جي لاءِ تو پيئڻ واري قرباني اوتي آهي، ۽ نذرانو پيش ڪيو اٿيئي. انهن ڳالهين هوندي منهنجي ڪاوڙ ٿڌي ٿيندي ڇا؟


پر اوهين جي خداوند کي ڇڏيو ٿا، جي منهنجي پاڪ جبل کي وساريو ٿا، ۽ جي نصيب جي جنتري ٺاهيو ٿا، ۽ جي قسمت لاءِ گڏيل شراب جو پيالو ٿا ڀريو؛


ڍڳي جو ذبح ڪندڙ اهڙو آهي جهڙو ماڻهوءَ کي قتل ڪرڻ وارو؛ گهيٽي جي قرباني ڪندڙ اهڙو آهي جهڙو ڪتي جي سسي وڍڻ وارو؛ نذرانو پيش ڪندڙ اهڙو آهي جهڙو سوئر جو رت پيش ڪرڻ وارو؛ لوبان ساڙيندڙ اهڙو آهي جهڙو بت کي مبارڪ چوڻ وارو: هائو، انهن پنهنجا رستا پسند ڪيا آهن، ۽ انهن جو روح سندن ڪراهت وارين شين سان راضي ٿو رهي؛


ٻار ڪاٺيون گڏ ڪن ٿا، ۽ پيءُ باهہ ٻاري ٿو، ۽ زالون اٽو ڳوهين ٿيون، تہ آسمان جي راڻي لاءِ لوليون پچائين؛ ۽ ٻين معبودن لاءِ پيئڻ وارا نذرانا اوتين، انهي لاءِ تہ مون کي ڪاوڙ ڏيارين.


۽ انهي سان گڏ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ، هڪڙي ايفہ جي پنجين حصي جيترو ميدو، تيل ۾ ڳوهيل هجي، تہ خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني ٿئي، جا باهہ سان ساڙبي آهي: ۽ انهي سان گڏ پيئڻ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙي هين جي چوٿين حصي جيتري مئي هجي.


جيڪي ڪوڙين باطل شين تي ڌيان ڏين ٿا، سي پنهنجي رحمت وڃائي ٿا ڇڏين.


۽ اهي قومون، جي اوهان ۾ باقي وڃي رهيون آهن، تن ۾ داخل نہ ٿجو؛ نڪي انهن جي معبودن جو نالو زبان تي آڻجو، نڪي انهن جو قسم کڻجو، نڪي انهن جي عبادت ڪجو، ۽ نڪي انهن کي سجدو ڪجو:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ