Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 16:3 - Sindhi Bible

3 ملڪ ۾ جيڪي پاڪ آهن، اُهي ئي وڏا آهن، انهن ۾ ئي منهنجي پوري خوشي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 جيڪي تنهنجا چونڊيل آهن سي بيشڪ افضل آهن، انهن سان گڏجي رهڻ سان مون کي پوري خوشي ملي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 16:3
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري هاڻي اي خداوند خدا، تون پنهنجي طاقت جي صندوق سميت اُٿي پنهنجي آرامگاهہ ۾ اچ: اي خداوند خدا، ڀلي تہ تنهنجا ڪاهن نجات جي پوشاڪ ڍڪين، ۽ تنهنجا پاڪ ٻانها چڱائيءَ جي ڪري خوشيون ڪن.


ملڪ جي ايماندارن تي منهنجي نگاهہ رهندي، تہ اهي مون سان گڏ رهن: جيڪو سنئين واٽ تي ٿو هلي سو ئي منهنجي خدمت ڪندو.


خداوند جي نظر ۾ سندس مقدسن جو موت تمام قيمتي آهي.


جيڪي توکان ڊڄن ٿا، ۽ تنهنجن قاعدن تي عمل ٿا ڪن، تن سڀني جو آءٌ ساٿي آهيان.


آءٌ پنهنجن ڀائرن ۽ سنگتين جي سبب هاڻي چوندس، تہ تو منجهہ سلامتي هجي.


اي خداوند جا پاڪ بندا، اوهين هن جي تعريف ڳايو، ۽ سندس پاڪ نالي جي شڪر گذاري ڪريو.


سچو پنهنجي پاڙيسريءَ جو رهنما آهي: پر شريرن جو رستو انهن کي گمراهہ ڪري ٿو.


ڏاهن سان گهم ڦر تہ تون بہ ڏاهو ٿين: پر بي عقلن جو سنگتي انهيءَ لاءِ هلاک ٿيندو.


هن جي زمين جي وسندڙ ڀاڱي ۾ آءٌ خوشيون ڪندي هيس، ۽ انسانن جي صحبت ۾ مون کي خوشي حاصل ٿيندي هئي.


آءٌ پنهنجي محبوب جي آهيان، هن جي خواهش مون ڏانهن آهي.


تون اڳتي ڇڏيل نہ سڏبينءَ؛ نڪي تنهنجي زمين اڳتي سڃي سڏبي: پر تون حفضيباہ (منهنجي سرهائي) سڏبينءَ ۽ تنهنجي زمين بعولاہ (وريتي) سڏبي: ڇالاءِ جو خداوند تو مان خوش آهي، ۽ تنهنجي زمين پرڻجندي.


۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ انهي ڏينهن هو منهنجي اُمت، بلڪ منهنجي خاص ملڪيت ٿيندا؛ ۽ آءٌ انهن تي اهڙو رحمدل ٿيندس، جهڙو پيءُ پنهنجي خدمتگار پٽ تي ٿيندو آهي.


پر حنانياہ ورندي ڏني، تہ اي خداوند، مون گهڻن کان هن ماڻهوءَ بابت ٻُڌو آهي تہ يروشلم ۾ تنهنجي پاڪ ٿيلن سان ڪهڙيون نہ جُٺيون ڪيون اٿس:


تنهنڪري جڏهن اسان کي وجهہ آهي، تڏهن اچو تہ سڀني ماڻهن سان نيڪيءَ جا ڪم ڪريون، خاص ڪري اُنهن سان، جي ايمان وارن جي جماعت جا آهن.


پولس، جو خدا جي مرضيءَ موجب مسيح يسوع جو رسول آهي، تنهن جي طرفان انهن پاڪ ٿيلن ڏانهن، جي افسس ۾ آهن ۽ مسيح يسوع ۾ ايماندار آهن؛


اها ڳالهہ سچي آهي، ۽ منهنجي مرضي آهي تہ تون انهن ڳالهين تي زور ڏي، انهي لاءِ تہ جن خدا تي ايمان آندو آهي، سي چڱن ڪمن ۾ مشغول رهڻ جو خيال رکن. اهي ڳالهيون ماڻهن جي لاءِ چڱيون ۽ فائديمند آهن.


ڇالاءِ جو خدا اهڙو بي انصاف ناهي جو اوهان جو اُهو پورهيو، ۽ اوهان جي اُها محبت وساري ڇڏي، جا اوهان سندس نالي تي اهڙيءَ طرح ڏيکاري، جو پاڪ ٿيلن جي خدمت ڪئي اٿوَ ۽ اڃا تائين پيا ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ