Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 15:4 - Sindhi Bible

4 جنهن جي نظر ۾ ڪميڻو ماڻهو نفرتي آهي؛ پر جيڪي خداوند کان ڊڄن ٿا، تن جي عزت ٿو ڪري، ۽ جڏهن قسم ٿو کڻي، تڏهن پنهنجي نقصان هوندي بہ ڦري نٿو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 انهن جي نظر ۾ ڪميڻا ماڻهو حقارت جي لائق آهن، پر جيڪي خداوند جو خوف رکن ٿا تن جي هو عزت ٿا ڪن. اهي جڏهن بہ قسم کڻن ٿا، تڏهن نقصان هوندي بہ انهيءَ کان نہ ٿا ڦرن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 15:4
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هو نبوڪدنضر کان بہ باغي ٿيو، جنهن کيس خدا جو قسم کڻايو هو: پر هن خداوند اسرائيل جي خدا ڏانهن منهن ڪرڻ کان پنهنجي گردن سخت ڪئي، ۽ پنهنجي دل ڏاڍي ڪئي.


۽ بادشاهہ جا سڀ ملازم جي بادشاهہ جي دروازي تي هوندا هئا، سي هامان جي اڳيان ڪنڌ جهڪائي سلام ڪندا هئا ۽ تعظيم ڏيندا هئس، ڇالاءِ جو اهو بادشاهہ جو حڪم هو، پر مردڪئي نڪو ڪنڌ جهڪايو، نڪا هن کي تعظيم ڏنائين.


ڏنگي دل مون کان پري رهندي، آءٌ ڪنهن بڇڙائيءَ سان واقفيت نہ رکندس.


ملڪ جي ايماندارن تي منهنجي نگاهہ رهندي، تہ اهي مون سان گڏ رهن: جيڪو سنئين واٽ تي ٿو هلي سو ئي منهنجي خدمت ڪندو.


جيڪي توکان ڊڄن ٿا، ۽ تنهنجن قاعدن تي عمل ٿا ڪن، تن سڀني جو آءٌ ساٿي آهيان.


ملڪ ۾ جيڪي پاڪ آهن، اُهي ئي وڏا آهن، انهن ۾ ئي منهنجي پوري خوشي آهي.


ٻيو اوهان ٻڌو آهي تہ اڳوڻي زماني جي ماڻهن کي چيو ويو هو، تہ تون ڪوڙو قسم نہ کڻ، پر پنهنجا قسم خداوند جي حضور ۾ پورا ڪر:


۽ جڏهن هن سچائيءَ، ۽ پرهيزگاريءَ، ۽ ايندڙ عدالت بابت ويٺي سمجهايو، تڏهن فيلڪس کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو، ۽ ورندي ڏنائينس تہ هاڻي وڃ، جڏهن وري مون کي فرصت ملندي، تڏهن آئون توکي پاڻ وٽ گهرائيندس.


اُنهن بہ اسان کي گهڻو مانُ ڏنو؛ ۽ جڏهن روانا ٿي ٿياسين، تڏهن جيڪي گهُربو هيوسين، سو جهاز تي آڻي رکيائون.


اسين ڄاڻون ٿا تہ موت مان نڪري زندگيءَ ۾ آيا آهيون، ڇالاءِ جو اسين ڀائرن کي پيار ٿا ڪريون. جيڪو پيار نٿو ڪري سو موت ۾ ٿو رهي.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن انهي کي ڏٺو تڏهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چيائين تہ هاءِ، اي منهنجي ڌيءَ! تو مون کي ڏاڍو ذليل ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ تون منهنجي تڪليف ڏيندڙن مان هڪڙي آهين: ڇالاءِ جو مون خداوند جي اڳيان پنهنجو وات پٽيو آهي، ۽ آءٌ انهي کان ڦري نٿو سگهان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ