Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 15:2 - Sindhi Bible

2 اهو جو سچائيءَ سان ٿو هلي، ۽ راستيءَ جا ڪم ٿو ڪري، ۽ دل سان سچ ٿو ڳالهائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 بيشڪ اتي اهي ئي شخص رهندا، جيڪي تابعداريءَ سان هلن ٿا، جيڪي نيڪيءَ جا ڪم ٿا ڪن ۽ سدائين سچ ڳالهائين ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 15:2
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهو ئي جنهن جا هٿ صاف آهن، ۽ جنهن جي دل پاڪ آهي؛ جنهن پنهنجي دل اجاين ڳالهين ۾ نہ لڳائي آهي، ۽ جنهن ڪوڙو قسم نہ کنيو آهي.


ڇو جو خداوند خدا سج ۽ ڍال آهي: خداوند فضل ۽ جلال ٿو بخشي: جيڪي سچائيءَ تي ٿا هلن تن کان هو ڪابہ چڱي شيءِ روڪي ڪين رکندو.


انصاف پسند ماڻهو، جو پنهنجي سچائيءَ تي هلي ٿو، تنهن جو اولاد کانئس پوءِ برڪت وارو ٿو ٿئي.


جيڪو سنئون سڌو هلي ٿو سو ڇڏايو ويندو، پر جيڪو ڏنگن رستن تي هلي ٿو سو هڪدم ڪري پوندو.


جيڪو راستيءَ سان هلي ٿو، ۽ سچ ڳالهائي ٿو؛ جيڪو ظلم جي نفعي کي حقير ٿو سمجهي، جيڪو رشوت کان پنهنجا هٿ هٽائي ٿو، جيڪو خونريزيءَ جي ڳالهين ٻڌڻ کان پنهنجا ڪن بند ڪري ٿو، ۽ جيڪو بڇڙائيءَ ڏانهن نهارڻ کان پنهنجون اکيون بند ڪري ٿو؛


ڇالاءِ جو هن چيو تہ يقيناً، هيءَ منهنجي اُمت آهي؛ اهي اهڙا ٻار آهن، جي دغا نہ ڪندا: تنهن ڪري هو انهن جو نجات ڏيندڙ ٿيو.


اي يعقوب جا گهراڻا، ڪڏهن ائين چوڻ ۾ ايندو ڇا تہ خداوند جو روح تنگ ٿي ويو آهي. هي انهي جا ڪم آهن ڇا؟ جيڪو سچائي تي هلي ٿو، تنهن کي منهنجي ڪلام مان فائدو نٿو رسي ڇا؟


اُهي ٻئي خدا جي حضور ۾ راستباز، ۽ سندس سڀني حڪمن ۽ قاعدن تي بي قصور هلندڙ هئا.


پر سڀ ڪنهن قوم ۾ جيڪو کانئس ڊڄي ٿو ۽ راستبازيءَ تي هلي ٿو، سو وٽس قبول ٿو پوي.


پر وڏائي ۽ عزت ۽ سلامتي سڀ ڪنهن چڱي ڪم ڪندڙ کي ملندي، پهرين يهوديءَ کي، ۽ پوءِ يونانيءَ کي؛


پر جڏهن مون ڏٺو تہ هو انجيل جي سچائيءَ موجب سنوان سڌا نٿا هلن، تڏهن مون انهن سڀني جي اڳيان ڪيفاس کي چيو تہ جي تون يهودي ٿي غير قومن وانگر ٿو گذارين ۽ نہ يهودين وانگر، تڏهن ڪيئن غير قومن کي زور ٿو ڪرين تہ هو يهودين وانگر گذارين؟


ڇالاءِ جو اسين سندس ڪاريگري آهيون، ۽ مسيح يسوع ۾ انهن چڱن ڪمن لاءِ خلقيا ويا آهيون، جي خدا اڳيئي اسان جي ڪرڻ ۽ انهن تي هلڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيا هئا.


تنهنڪري ڪوڙ کي ڇڏي اوهان مان سڀڪو پنهنجي پاڙيسريءَ سان سچ ڳالهائي: ڇالاءِ جو اسين پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا عضوا آهيون.


هڪ ٻئي سان ڪوڙ نہ ڳالهايو، جو اوهان پراڻي انسانيت سندس ڪمن سميت پوشاڪ وانگر لاهي ڇڏي آهي،


جن ايمان ئي جي ڪري بادشاهتون فتح ڪيون، راستبازيءَ جا ڪم ڪيا، واعدا حاصل ڪيا، شينهن جا وات بند ڪيا،


جيڪڏهن اوهين ڄاڻو ٿا تہ هو راستباز آهي، تہ اها بہ خبر اٿوَ تہ جيڪو راستبازيءَ جا ڪم ٿو ڪري سو هن مان پيدا ٿيو آهي.


جيڪو چوي ٿو تہ آئون هن ۾ رهان ٿو، تنهن کي گهرجي تہ پاڻ بہ ائين ئي هلي، جيئن هو هلندو هو.


اي منهنجا ننڍڙا ٻارو، متان ڪو اوهان کي گمراهہ ڪري: جيڪو راستبازيءَ جا ڪم ٿو ڪري، سو انهي وانگر راستباز آهي.


پر جيڪي ڊڄڻا، بي ايمان، ناپاڪ، خوني، زناڪار، جادوگر، بُت پرست ۽ ڪوڙا آهن، تن سڀني جو حصو انهيءَ ڍنڍ ۾ ٿيندو، جا باهہ ۽ گندرف سان پيئي ٻري؛ اهو ٻيو موت آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ