9 سڀ جبل ۽ ٽڪريون؛ سڀ ميويدار ۽ سرو جا وڻ:
9 اي جبل پهاڙؤ! ۽ اي سڀ ٽڪريون! اوهين سندس واکاڻ ڪريو، اوهين بہ اي باغن جا وڻؤ! ۽ اي ٻيلي جا وڻؤ!
ڀلي تہ بيابان ۽ ان جا شهر، ۽ قيدار جا آباد ڪيل ڳوٺ پنهنجو آواز مٿي ڪن؛ ڀلي تہ سلع جا رهاڪو ڳائين، ۽ جبلن جي چوٽيءَ تان وڏي سڏ پڪارين.
اي آسمانو ڳايو، ڇالاءِ جو خداوند ائين ڪيو آهي؛ اي پاتال رڙيون ڪر؛ اي جبلو، اي ٻيلا ان جا سڀ وڻو، اوهين ڳائڻ لڳو: ڇو تہ خداوند يعقوب جو عيوضو ڏنو آهي، ۽ اسرائيل ۾ هو پنهنجو جلال ظاهر ڪندو.
اي آسمانو ڳايو؛ اي زمين خوش ٿي، اي جبلو گيت ڳايو: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ اُمت کي تسلي ڏني آهي، ۽ پنهنجي ڏکويلن تي رحم ڪندو.
جي تون آسمان ڦاڙي هيٺ لهي اچين، ۽ تنهنجي حضور ۾ جبل ڪنبن تہ ڏاڍو چڱو.