7 سڀيئي واگهو، ۽ سمنڊ، اوهين خداوند جي تعريف ڪريو.
7 اي زمين وارؤ! اوهين خداوند جي واکاڻ ڪريو، اوهين بہ اي اونها سمنڊؤ! ۽ اي سمنڊ جا اجگر نانگؤ!
۽ خدا وڏا وڏا درياهي جانور ۽ سڀ ڪنهن قسم جا پاڻيءَ ۾ رهندڙ بيشمار ساهوارا، سندن جنس موجب، ۽ سڀ ڪنهن قسم جا پکي سندن جنس موجب پيدا ڪيا: ۽ خدا ڏٺو تہ چڱو آهي.
۽ هن وڃي انهيءَ جي لاش کي رستي تي پيل، ۽ گڏهہ ۽ شينهن کي لاش جي ڀرسان بيٺل ڏٺو: شينهن لاش کي نہ کاڌو، نڪي گڏهہ کي ڦاڙيو هئائين.
اي خداوند تنهنجا ڪم ڪهڙا نہ بيحد آهن! تو انهن سڀني کي دانائيءَ سان جوڙيو آهي: زمين تنهنجي خزانن سان ڀرپور آهي.
انهي ڏينهن خداوند پنهنجي سخت، ۽ وڏيءَ، ۽ مضبوط ترار سان ازدها، يعني تکي نانگ کي، ۽ انهي ازدها، يعني ڏنگي نانگ کي، سزا ڏيندو؛ ۽ هو انهيءَ ازدها کي قتل ڪندو جو سمنڊ ۾ آهي.
جهنگلي جانور، گدڙ ۽ اٺ پکي بہ منهنجي عزت ڪندا؛ ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي اُمت، پنهنجي چونڊيلن کي پيئڻ لاءِ بيابان ۾ پاڻي ۽ رڻ پٽ ۾ نديون ٿو ڏيان.