5 ڀلي تہ اهي خداوند جي نالي جي تعريف ڪن: ڇو جو هن حڪم ڏنو ۽ اهي پيدا ٿيا.
5 ڀلي تہ اهي خداوند جي نالي جي واکاڻ پيا ڪن، ڇوجو هن جي حڪم سان ئي سڀڪو پيدا ٿيو آهي.
۽ خدا چيو تہ، پاڻين جي وچ ۾ خال ٿئي تہ پاڻي، پاڻين کان جدا ٿين.
اي خداوند جا فرشتا، اوهين جي طاقتوارا آهيو، ۽ هن جي ڪلام جو آواز ٻڌي مٿس عمل ٿا ڪريو، سي کيس مبارڪ چئو.
سمنڊ بہ سندس آهي. ۽ هن انهي کي جوڙيو؛ ۽ سڪي زمين بہ هن جي ئي هٿن تيار ڪئي.
اُهو ئي آهي جو آسمان ۾ پنهنجون ڪوٺيون ٺاهي ٿو، ۽ جنهن زمين تي پنهنجو محراب جوڙيو آهي؛ اُهو جو سمنڊ جي پاڻيءَ کي سڏي ٿو، ۽ زمين تي هاري وجهي ٿو؛ خداوند انهي جو نالو آهي.
اي اسان جا خداوند ۽ اسان جا خدا، تون تعظيم ۽ عزت ۽ قدرت جي لائق آهين: ڇالاءِ جو تو سڀ شيون پيدا ڪيون، ۽ تنهنجي مرضيءَ ڪري اُهي پيدا ٿيون ۽ هستيءَ ۾ آيون.