Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 148:4 - Sindhi Bible

4 آسمانن جا آسمان، اوهين سندس تعريف ڪريو، ۽ پاڻي بہ جي آسمان جي مٿان آهيو، اوهين سندس تعريف ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 اي آسمانن جا آسمان! تون کيس واکاڻ پيو. اي آسمان کان مٿي وارا پاڻي! تون بہ انهيءَ کي سڳورو چئُہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 148:4
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خدا چيو تہ، پاڻين جي وچ ۾ خال ٿئي تہ پاڻي، پاڻين کان جدا ٿين.


سو خدا خال جوڙيو، ۽ خال جي هيٺان جيڪي پاڻي هئا تن کي انهن پاڻين کان جدا ڪيائين جيڪي خال جي مٿان هئا: ۽ ائين ئي ٿيو.


جڏهن نوح جي عمر ڇهہ سؤ ورهين جي هئي، تڏهن انهيءَ سال جي ٻئي مهيني جي سترهين تاريخ وڏي سمنڊ جا سڀئي چشما ڦاٽي پيا، ۽ آسمان جون دريون پٽجي پيون،


پر خدا سچ پچ زمين تي رهندو ڇا؟ ڏس، تون، آسمان ۾، بلڪ آسمانن جي آسمان ۾ ماپي نٿو سگهين؛ تڏهن هيءُ گهر جو مون جوڙيو آهي تنهن ۾ ڀلا ڪيئن ماپي سگهندين!


۽ جيڪو گهر آءٌ جوڙيان ٿو سو وڏو آهي: ڇالاءِ جو اسان جو خدا سڀني معبودن کان وڏو آهي.


تون ئي تون خدا آهين: تو آسمان، ۽ آسمانن جو آسمان، اُن جي سڄي لشڪر سميت، ۽ زمين ۽ ٻيون جيڪي شيون اُتي آهن، سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي انهن ۾ آهي، سو سڀ تو پيدا ڪيو آهي، ۽ انهن سڀني کي تون ئي قائم رکين ٿو؛ ۽ آسمان جو لشڪر توکي سجدو ڪري ٿو.


تون پنهنجي بالاخاني جا شهتير پاڻيءَ تي ٿو رکين؛ ۽ ڪڪرن کي پنهنجو رٿ ٿو ڪرين؛ ۽ واءُ جي پرن تي ٿو رهين.


جو پاڻ کي نماڻو ٿو ڪري تہ آسمان ۽ زمين جي شين تي نظر ڪري؟


انهيءَ جي، جو مدامي آسمانن جي آسمان تي سواري ٿو ڪري؛ ڏس، هو پنهنجو آواز ٿو ٻڌائي، جو قدرت وارو آواز آهي.


ڇو تہ خدا صيون کي بچائيندو؛ ۽ يهوداہ جا شهر جوڙيندو؛ ۽ اُهي اُتي رهندا ۽ قبضو ڪندا.


مسيح ۾ هڪڙي شخص جي مون کي خبر آهي تہ چوڏهن ورهيہ ٿيا جو هو ٽئين آسمان تائين کڄي ويو. (مون کي خبر ناهي تہ بدن ۾ ويو، يا بدن کانسواءِ، انهي جي خبر خدا کي آهي.)


۽ ڏس، آسمان ۽ آسمانن جو آسمان، زمين ۽ جيڪي منجهس آهي، سو سڀ خداوند تنهنجي خدا جو آهي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ