Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 143:9 - Sindhi Bible

9 اي خداوند مون کي منهنجي دشمنن کان ڇڏاءِ: آءٌ پناهہ جي لاءِ تو وٽ ڊوڙي آيو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 اي خداوند! مون کي منهنجي دشمنن کان ڇڏاءِ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پناهہ لاءِ تو وٽ ئي ڊوڙي آيو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 143:9
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند مون توکي پڪاريو؛ مون چيو تہ تون منهنجي پناهہ آهين، ۽ دنيا ۾ منهنجو ورثو آهين.


منهنجيءَ جان کي قيد مان ٻاهر ڪڍ، تہ آءٌ تنهنجي نالي جي شڪر گذاري ڪريان: راستباز منهنجي آسپاس گڏ ٿيندا؛ ڇو جو تون مون سان ڏاڍي ڀلائي ڪندين.


منهنجيءَ حياتيءَ جا ڏينهن تنهنجي هٿ ۾ آهن: مون کي منهنجي دشمنن ۽ ستائيندڙن کان ڇڏاءِ.


جنهن ڏينهن آءٌ پڪاريندس تنهن ڏينهن منهنجا دشمن پٺ تي هٽندا: اها مون کي خبر آهي تہ خدا منهنجي پاسي آهي.


آءٌ خدا تعاليٰ کي پڪاريندس؛ انهيءَ خدا کي جو منهنجي لاءِ سڀ ڪجهہ ٿو ڪري.


اي منهنجا خدا مون کي منهنجن دشمنن کان ڇڏاءِ: جيڪي منهنجي برخلاف کڙا ٿيا آهن تن تي مون کي سرفراز ڪر.


خداوند جو نالو مضبوط ٺلهہ وانگر آهي؛ سچو ڊوڙي انهيءَ ۾ وڃي ٿو ۽ صحيح سلامت رهي ٿو.


تان تہ (واعدو ۽ قسم) ٻہ بي تبديل ڳالهيون، جن جي نسبت ۾ خدا جو ڪوڙو ٿيڻ ناممڪن آهي، تن جي وسيلي اسان کي پڪيءَ طرح خاطري ٿئي، تہ جيڪا اُميد اسان جي اڳيان رکيل آهي، تنهن کي هٿ ڪرڻ لاءِ پناهہ وٺڻ واسطي ڊوڙي آيا آهيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ