Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 143:8 - Sindhi Bible

8 صبح جو مون کي پنهنجي ٻاجهہ جي ڳالهہ ٻڌاءِ؛ ڇو تہ منهنجو ڀروسو توتي ئي آهي: جنهن واٽ تي مون کي هلڻ گهرجي سا مون کي ڏيکار: ڇو جو آءٌ پنهنجيءَ جان کي تو سان ٿو لڳايان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 اي خداوند! منهنجو ڀروسو تو تي ئي آهي، سو هر صبح جو مون کي پنهنجي ٻاجھہ عطا ڪر، ۽ جنهن واٽ تي مون کي هلڻ کپي سا مون کي ڏيکار، ڇاڪاڻ تہ منهنجي دل تو سان ئي لڳل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 143:8
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون کي سمجهہ ڏي تہ آءٌ تنهنجي شريعت کي مڃيندو رهندس؛ ۽ پنهنجيءَ ساريءَ دل سان انهيءَ تي عمل ڪندس.


ي تنهنجن هٿن مون کي ٺاهيو ۽ جوڙيو آهي: مون کي سمجهہ عطا ڪر تہ آءٌ تنهنجا حڪم سکان.


مون کي پنهنجيءَ مرضيءَ تي هلڻ سيکار؛ ڇو جو تون منهنجو خدا آهين: تنهنجو نيڪ روح مون کي سچارن جي ملڪ ۾ هلائي.


منهنجيءَ جان کي سنڀال، ۽ مون کي ڇڏاءِ: ائين نہ ٿئي جو آءٌ شرمندو ٿيان، ڇالاءِ جو منهنجو ڀروسو توتي ئي آهي.


اي خداوند، مونکي پنهنجو رستو ڏيکار: ۽ منهنجن دشمنن جي سببان مون کي سنئينءَ واٽ تي هلاءِ.


ڇو جو هن جو غصو رڳو هڪڙي پل جو آهي؛ ۽ سندس ٻاجهہ ۾ زندگي آهي: سڄي رات شايد روئڻ هجي، پر صبح جو سرهائي ٿيندي.


آءٌ توکي تعليم ڏيندس، ۽ جنهن رستي تي توکي هلڻ گهرجي سو ڏيکاريندس: آءٌ توکي صلاح ڏيندس ۽ منهنجي نظر توتي رهندي.


تڏهن بہ خداوند ڏينهن جو پنهنجي ٻاجهہ فرمائيندو، ۽ رات جو آءٌ سندس گيت يعني پنهنجيءَ حياتيءَ جي خدا کان دعا گهرندس.


خدا انهي جي وچ ۾ آهي؛ ان کي لوڏو ئي ڪين ايندو؛ صبح جو سوير خدا انهي جي مدد ڪندو.


اي خداوند، مون کي منهنجي دشمنن جي سببان پنهنجي راستبازيءَ ۾ هلاءِ؛ منهنجي اڳيان پنهنجي واٽ پڌري ڪر.


پر آءٌ تنهنجي طاقت جو گيت ڳائيندس؛ هائو صبح جو تنهنجي رحم جو گيت وڏي آواز سان ڳائيندس؛ ڇو تہ منهنجي مصيبت جي ڏينهن تون منهنجو اوچو ٺلهہ ۽ پناهہ هئين.


اي خداوند پنهنجي بندي جي جان کي خوش ڪر؛ ڇو جو اي خداوند، آءٌ پنهنجي جان کي تو ڏانهن رجوع ٿو ڪريان.


صبح جو پنهنجي رحم سان اسان کي ڍءُ ڪراءِ؛ تہ اسين پنهنجي ساري عمر خوش رهون ۽ سرها ٿيون.


جڏهن اوهين ساڄي يا کاٻي پاسي ڦرندا تڏهن تنهنجا ڪن تنهنجي پٺيان هڪڙو آواز ٻڌندا تہ رستو هي آهي، اوهين انهي تي هلو.


خداوند خدا تنهنجو ڪفارو ڏيندڙ، اسرائيل جو پاڪ خدا، هيئن ٿو فرمائي: آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، جو توکي فائدي جي تعليم ٿو ڏيان، جو توکي انهي رستي تي ٿو هلايان، جنهن تي توکي هلڻ گهرجي.


اچو تہ اسين پنهنجي دل پنهنجن هٿن سان خدا ڏانهن کڻون، جو آسمان ۾ آهي.


۽ اچو تہ ڳولا ڪريون، ۽ خداوند کي سڃاڻڻ لاءِ پيروي ڪريون؛ هن جو اچڻ يقيناً صبح وانگر آهي: ۽ هو اسان وٽ مينهن وانگر ايندو، انهي پوئين مينهن وانگر جو زمين کي ريج ٿو ڏئي.


تڏهن منوحہ چيو تہ هاڻي جيئن تون چوين ٿو تيئن ڀلي ٿئي: اُهو ٻار ڪهڙي قسم جو ٿيندو؟


تڏهن دائود چيو تہ قعيلہ جا ماڻهو مون کي، ۽ منهنجي ماڻهن کي سائول جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندا ڇا؟ ۽ خداوند فرمايو تہ هو توکي هن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ