Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 143:7 - Sindhi Bible

7 اي خداوند مون کي جلد جواب ڏي؛ منهنجو روح ماندو ٿو ٿئي، مون کان پنهنجو منهن نہ لڪاءِ؛ متان آءٌ انهن جهڙو ٿيان جيڪي قبر ۾ ٿا پون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 اي خداوند! منهنجي جلدي ٻڌ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڏاڍي پريشانيءَ ۾ پئجي ويو آهيان. تون مون کان منهن نہ موڙ، متان آءٌ مئلن جيان قبر ۾ وڃي پوان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 143:7
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجي مصيبت جي ڏينهن مون کان پنهنجو منهن نہ لڪاءِ: ۽ مون ڏانهن پنهنجو ڪن ڏي: جڏهن آءٌ توکي پڪاريان، تڏهن مون کي جلد جواب ڏي.


ڇالاءِ جو هن ڏکويل جي ڏک تي حقارت ۽ نفرت نہ ڪئي؛ ۽ نڪي اُنهيءَ کان پنهنجو منهن لڪايائين؛ پر جڏهن هن کيس پڪاريو تڏهن اُنهيءَ جي ٻڌائين.


مون کان پنهنجو منهن نہ لڪاءِ؛ ۽ غصي ۾ پنهنجي ٻانهي کي لوڌي نہ ڪڍ: تون ئي منهنجو مددگار آهين؛ اي منهنجي نجات جا خدا، مون کي پري نہ ڪر، نڪي مونکي ڇڏي ڏي.


اي خداوند، آءٌ توکي پڪاريندس؛ اي منهنجا ٽڪر، منهنجي ٻڌي اڻٻڌي نہ ڪر: متان ائين ٿئي تہ جڏهن تون مون ڏانهن خاموش رهين، تہ پوءِ آءٌ انهن جهڙو ٿيان جي قبر ۾ ٿا پون.


آءٌ تہ غريب ۽ محتاج آهيان؛ پر خداوند مون لاءِ فڪر ٿو ڪري؛ اي منهنجا خدا، تون ئي منهنجو مددگار ۽ ڇڏائيندڙ آهين، دير نہ ڪر.


۽ پنهنجي ٻانهي کان پنهنجو منهن نہ لڪاءِ؛ ڇو تہ آءٌ مصيبت ۾ آهيان؛ جلد مون کي جواب ڏي.


منهنجي ويجهو اچي منهنجيءَ جان کي ڇڏاءِ: منهنجي دشمنن کان مون کي ڇوٽڪارو ڏي.


آءٌ دانهون ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهيان؛ ۽ نڙي سڪي ويئي اٿم: ۽ خدا جو انتظار ڪندي منهنجون اکيون ضعيف ٿي ويون آهن.


پر آءٌ غريب ۽ محتاج آهيان؛ اي خدا، جلد مون وٽ اچ: اي خداوند تون منهنجو مددگار ۽ بچائيندڙ آهين؛ دير نہ ڪر.


اي خدا مون کان پري نہ ٿي: اي منهنجا خدا، منهنجي مدد لاءِ جلدي ڪر.


منهنجي جان خداوند جي درگاهہ لاءِ ڏاڍي پيئي سڪي، هائو، هن لاءِ بيحال آهي؛ منهنجي دل ۽ منهنجو جسم ٻئي زندہ خدا کي پيا پڪارين.


ترسايل اُميد دل کي بيمار ڪري ٿي: پر جڏهن مراد پوري ٿئي ٿي تڏهن اُها حياتيءَ جو وڻ آهي.


قبر تنهنجي تعريف نٿي ڪري سگهي، نڪي موت تنهنجي واکاڻ ڪري ٿو سگهي: جيڪي قبر ۾ ٿا لهن سي تنهنجي سچائيءَ جي اميد رکي نٿا سگهن.


ڇالاءِ جو آءٌ هميشہ جهيڙو نہ ڪندس، نڪي آءٌ هميشہ ڪاوڙبس: نہ تہ روح ۽ جانيون جن کي مون پيدا ڪيو آهي سي منهنجي اڳيان بيتاب ٿي وينديون.


۽ آءٌ خداوند جي لاءِ منتظر رهندس، جو يعقوب جي گهراڻي کان پنهنجو منهن لڪائي ٿو، ۽ آءٌ انهيءَ جي واٽ نهاريندس.


جيڪي آفتون زمين تي اچي نازل ٿينديون، تن جي اُلڪي ۾ ڊپ کان ماڻهن جو ساهہ ئي سُڪي ويندو، ڇالاءِ جو آسمان جون طاقتون ڏڪي وينديون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ