4 تنهن ڪري منهنجو روح مون منجهہ غم ۾ ٻڏي ويو آهي؛ ۽ منهنجي دل منهنجي اندر ۾ ڏاڍي لهي ويئي آهي.
4 تنهنڪري آءٌ ڏاڍي پريشانيءَ ۾ پئجي ويو آهيان، ۽ بيحد دلگير ٿو رهان.
هائو، اوهين يتيمن تي ڪڻا وجهڻ ٿا گهرو، ۽ پنهنجي دوست کي واپاري مال بنائي واپار ٿا ڪريو.
اي خداوند منهنجي دعا ٻڌ، ۽ منهنجون دانهون تنهنجي حضور ۾ پهچن.
انهيءَ مهل پاڻيءَ جي اُٿل اسان جي مٿان لنگهي وڃي ها، ۽ اسان جي جان وهڪري ۾ وهي وڃي ها:
جڏهن منهنجو روح مون منجهہ غم ۾ ٻڏل هو، تڏهن بہ توکي منهنجي واٽ جي خبر هئي. جنهن واٽ ۾ آءٌ هلان ٿو تنهن ۾ انهن ڦندا لڪايا آهن.
منهنجي ساڄي هٿ ڏانهن نهار ۽ ڏس؛ ڇو جو اهڙو ڪوئي ڪونهي جو مون کي سڃاڻي: مون لاءِ ڪا پناهہ ڪانهي؛ ڪنهن کي منهنجي جان جو فڪر ڪونهي.
تون مون ڏانهن نظر ڪر، ۽ مون تي رحم ڪر؛ ڇو جو آءٌ اڪيلو ۽ ڏکي آهيان.
خوف ۽ ڏڪڻي مون تي اچي پيئي آهي، ۽ هيبت مون تي غالب پيئي آهي.
جڏهن آءٌ دلگير ٿيندس، تڏهن زمين جي ڇيڙي کان توکي پڪاريندس: مون کي انهيءَ ٽڪر تي وٺي هل جو مون کان مٿانهون آهي.
آءٌ خدا کي ياد پيو ڪريان پر ڏکي آهيان: آءٌ دانهون پيو ڪريان پر منهنجو روح غم ۾ ٻڏيو وڃي.
رات جو مون کي پنهنجو گيت ياد ٿو اچي: آءٌ پنهنجي دل ۾ خيال ٿو ڪريان؛ ۽ منهنجو روح چڱيءَ طرح غور ٿو ڪري.
۽ هو ڏاڍي تڪليف ۾ هئڻ سبب زيادہ گرميءَ سان دعا گهُرڻ لڳو، ۽ سندس پگهر رت جي وڏن ڦڙن وانگر ٿي زمين تي ٽمڻ لڳو.