Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 143:3 - Sindhi Bible

3 ڇالاءِ جو دشمن منهنجيءَ جان کي ڏاڍو ستايو آهي؛ هن منهنجيءَ حياتيءَ کي پٽ پڇاڙيو آهي: جيڪي گهڻيءَ مدت کان مري ويا آهن تن وانگي مون کي اونداهين جاين ۾ رهايو اٿس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 دشمن مون کي ڏاڍو ستايو آهي، بلڪ منهنجي قوت کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو اٿائين. جيڪي گھڻي مدت کان مري ويا آهن، تن وانگر هن مون کي اونداهيءَ ۾ بند رکيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 143:3
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يوآب انهيءَ خبر ڏيڻ واري ماڻهوءَ کي چيو تہ جڏهن تو انهيءَ کي ڏٺو تڏهن ڇو نہ هن کي ڌڪ هڻي ماري زمين تي ڪيرائي وڌءِ؟ ۽ آءٌ جيڪر توکي ڏهہ چانديءَ جا سڪا، ۽ هڪڙو ڪمربند ڏيان ها.


۽ ابنير وري عساهيل کي چيو تہ منهنجي پٺيان نہ اچ، ٻئي پاسي وڃ: ڇو توکي ماري زمين تي ڪيرائي وجهان؟ پوءِ ڪيئن تنهنجي ڀاءُ يوآب جي اڳيان منهن مٿي کڻي سگهندس؟


منهنجيءَ دانهن تي ڌيان ڏي؛ ڇو جو آءٌ ڏاڍو ذليل ٿيو آهيان: مون کي منهنجي ستائيندڙن کان ڇڏاءِ؛ ڇو جو اهي مون کان وڌيڪ زور وارا آهن.


جيڪي منهنجو ساهہ ڪڍڻ ٿا گهرن سي شرمندا ۽ خوار ٿين: ۽ جيڪي منهنجا مٺ گهرا آهن سي پٺ تي هٽجي ڦڪا ٿين.


ڇالاءِ جو پرديسي منهنجي برخلاف کڙا ٿيا آهن، ۽ غضبناڪ ماڻهو منهنجي جان جي پٺيان پيا آهن: اُنهن خدا کي پنهنجي سامهون نہ رکيو آهي.


تہ ڀلي دشمن منهنجيءَ جان جي پٺيان پوي، ۽ مون کي جهلي؛ هائو، ڀلي تہ هو منهنجيءَ حياتي کي لتاڙي ۽ منهنجي وڏائيءَ کي مٽيءَ ۾ ملائي.


اي خداوند، پنهنجي غصي ۾ اُٿ، منهنجي دشمن جي جوش جي برخلاف اُٿي کڙو ٿيءُ؛ ۽ مون لاءِ جاڳ؛ تو انصاف جو حڪم ڏنو آهي.


هن مون کي انڌارين جاين ۾ رهايو آهي، جيئن گهڻن ڏينهن جا مئل ماڻهو هوندا آهن.


تڏهن هن مون کي فرمايو، تہ اي آدمزاد، هي هڏيون اسرائيل جو سڄو گهراڻو آهي: ڏس، هو چون ٿا تہ اسان جون هڏيون سُڪي ويون آهن، ۽ اسان جي اُميد ويندي رهي آهي؛ اسين بلڪل وڍجي ويا آهيون.


اي منهنجا دشمن تون مون تي خوشي نہ ڪر؛ جڏهن آءٌ ڪِرندس تڏهن آءٌ اُٿندس؛ جڏهن آءٌ اونداهي ۾ ويهندس تڏهن خداوند منهنجي لاءِ روشنائي ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ