1 اي خداوند مون کي خراب ماڻهوءَ کان ڇڏاءِ؛ ۽ ظالم ماڻهوءَ کان بچائيم.
1 اي خداوند! مون کي بڇڙن ماڻهن کان ڇڏاءِ، بلڪ انهن ظالمن کان مون کي بچائي رک،
ڪوبہ بد زبان ماڻهو زمين تي قائم ڪين رهندو: ظالم کي بڇڙائي ڦاسائي ڪيرائيندي.
اي خداوند مون کي بڇڙي جي هٿ کان بچاءِ؛ ۽ ظالم ماڻهوءَ کان محفوظ رک جن جو ارادو آهي تہ ڌڪا ڏيئي منهنجا پير کسڪائين.
اي خداوند، اُٿ، هن جي سامهون ٿي، هن کي هيٺ ڪيراءِ: پنهنجيءَ ترار جي زور سان منهنجي جان کي شرير کان بچاءِ.
هو مونکي منهنجي دشمنن کان ڇڏائي ٿو، هائو جيڪي منهنجي برخلاف کڙا ٿا ٿين تن تي تون مون کي سرفراز ٿو ڪرين: تون ئي مون کي ظالم کان ڇوٽڪارو ٿو ڏين.
اي خدا منهنجو انصاف ڪر، ۽ بي دين قوم جي مقابلي ۾ منهنجي وڪالت ڪر: دغاباز ۽ بي انصاف ماڻهوءَ کان مون کي ڇڏاءِ.
اي منهنجا خدا مون کي بدڪار ماڻهو جي هٿان، ۽ ناراست ۽ ظالم ماڻهوءَ جي هٿان ڇڏاءِ.