Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 14:2 - Sindhi Bible

2 خداوند آسمان مان بني آدم تي نگاهہ ڪئي، تہ ڏسي تہ ڪو سمجهو ماڻهو آهي جو خدا جو طالب هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 خداوند عرش عظيم تان هيٺ بني آدم تي نگاهہ ڪري ٿو، انهيءَ لاءِ جو هو ڏسي تہ ڇا ڪو سمجھو ۽ سندس طالب آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 14:2
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خداوند اهو شهر ۽ ٺلهہ جو آدم جي اولاد جوڙيو هو، سو ڏسڻ لاءِ لهي آيو.


تنهنڪري هاڻي آءٌ هيٺ وڃي ڏسندس تہ جيڪا دانهن مون تائين پهتي آهي، تنهن موجب هنن ڪيو آهي ڇا؟ ۽ جي نہ تہ بہ مون کي خبر پوندي.


۽ خدا زمين تي نظر ڪئي ۽ ڏٺائين تہ هوءَ بگڙجي پيئي آهي؛ ڇالاءِ جو زمين تي هر ڪنهن شخص پنهنجي هلت چلت خراب ڪري ڇڏي هئي.


انهيءَ هوندي بہ تو ۾ ڪي چڱيون ڳالهيون لڀن ٿيون، جو تو هن ملڪ مان يسيرت ڪڍي ڇڏيو آهي، ۽ پنهنجي خدا جي ڳولا ۾ دل لڳائي اٿيئي.


جو خدا، خداوند، پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي طلب ۾ پنهنجي دل لڳائي ٿو، جيتوڻيڪ هو پاڪ مڪان جي پاڪ ڪرڻ جي دستور موجب پاڪ نہ ٿيو هجي.


ماڻهو ڇا آهي جو پاڪ رهي سگهي؟ ۽ جيڪو زال جي پيٽ مان ڄاول آهي سو ڪو سچو ٿي سگهندو ڇا؟


جيڪو عقلمند آهي سو هنن ڳالهين تي ڌيان ڏيندو، ۽ اهڙا ماڻهو خداوند جي رحمتن تي غور ڪندا.


خداوند پنهنجيءَ پاڪ هيڪل ۾ آهي، خداوند جو تخت آسمان ۾ آهي؛ سندس اکيون ڏسن ٿيون، هن جا ڇپر بني آدم کي آزمائين ٿا.


نماڻا اهو ڏسي خوش ٿا ٿين: اوهين جي خدا جا طالب آهيو، اوهان جي دل جيئري رهي.


هو نہ ڪجهہ ڄاڻن ٿا ۽ نہ سمجهن ٿا؛ ۽ اونداهيءَ ۾ هيڏانهن هوڏانهن پيا گهمن: زمين جون سڀ پيڙهيون پيون ڌڏن.


وحشي ماڻهوءَ کي انهن جي سڌ ڪانهي؛ نڪي بيوقوف اهي سمجهي ٿو.


تڏهن تون سچائي ۽ عدالت ۽ انصاف،، هائو سڀڪا چڱي واٽ سمجهندين.


اڙي ڀورڙا، اوهين هوشياري پروڙيو؛ ۽ اڙي بيوقوف، اوهين سمجهو دل وارا ٿيو.


جيڪو ڀورڙو هجي سو ڦري هيڏانهن اچي؛ ۽ جنهن کي سمجهہ ڪانهي تنهن کي هو چوي ٿي تہ،


جيڪو ڀورڙو آهي سو ڀلي تہ هتي اچي: جنهن کي سمجهہ ڪانهي تنهن کي هوءَ چوي ٿي، تہ


جڏهن هن جا ڏار ڪومائبا، تڏهن اهي ڀڃي ڇڏيا ويندا، ۽ زالون اچي انهن کي باهہ ڏينديون؛ ڇالاءِ جو انهيءَ قوم کي سمجهہ ڪانهي، تنهن ڪري سندن خالق کي مٿن رحم نہ ايندو، ۽ سندن جوڙيندڙ مٿن مهرباني ڪانہ ڏيکاريندو.


جيسين خداوند لڀي سگهي تيسين انهي کي ڳوليو؛ جيسين هو ويجهو آهي تيسين انهي کي سڏيو:


آسمان تان هيٺ نهار، ۽ پنهنجي پاڪ ۽ جلال واري مڪان مان ڏس، تنهنجا غيرت ۽ تنهنجا قدرت وارا ڪم ڪٿي آهن؟ تنهنجي آنڊن جي اُڪير ۽ تنهنجون رحمتون جي مون تي هيون سي روڪجي ويون آهن.


جي تون آسمان ڦاڙي هيٺ لهي اچين، ۽ تنهنجي حضور ۾ جبل ڪنبن تہ ڏاڍو چڱو.


۽ جڏهن هو اوهان کي چون تہ جنن ۽ ڏائڻن کي ڳوليو، جي چر چر ۽ ڀڻ ڀڻ ٿا ڪن؛ تڏهن اوهين چئجو تہ اُمت کي مناسب ناهي ڇا تہ پنهنجي خدا کي ڳولين؟ جيئرن جي بدران مئن کي ڇو ڳوليون؟


ڇالاءِ جو منهنجي قوم بي عقل آهي ۽ مون کي نٿي سڃاڻي؛ اُهي نادان ڇوڪر آهن ۽ ڪابہ سمجهہ ڪونہ اٿن: اُهي برائي ڪرڻ لاءِ ڏاها آهن، پر ڀلائي ڪرڻ نٿا ڄاڻن.


اوهين يروشلم جي گهٽين مان هيڏي هوڏي ڊوڙو، ۽ هاڻي ڏسو ۽ ڄاڻو، ۽ ان جي چونڪن ۾ ڳوليو، تہ ڪو ماڻهو لهو ٿا، ڪو اهڙو ماڻهو آهي يا نہ جو انصاف جا ڪم ٿو ڪري، ۽ جو سچ کي ڳولي ٿو؛ پوءِ آءٌ يروشلم کي معاف ڪندس.


جيستائين خداوند هيٺ نهاري، ۽ آسمان مان ڏسي.


گهڻا پاڻ کي پاڪ ڪندا، ۽ پاڻ کي صاف ڪندا، ۽ سڌريل ٿيندا؛ پر شرير شرارت جا ڪم ڪندا؛ ۽ شريرن مان ڪوبہ نہ سمجهندو: پر جيڪي ڏاها هوندا، سي ئي سمجهندا.


ڇالاءِ جو هنن ماڻهن جي دل ڏاڍي ٿي پيئي آهي، ۽ سندن ڪَن گهٻرا آهن، ۽ هنن پنهنجون اکيون پوري ڇڏيون آهن؛ تہ متان هو پنهنجين اکين سان ڏسن، ۽ پنهنجن ڪَنن سان ٻُڌن، ۽ پنهنجيءَ دل سان سمجهن، ۽ ڦري پون، ۽ آئون کين شفا ڏيان.“


سمجهدار ڪوبہ ڪونهي، ڪوبہ اهڙو ناهي، جو خدا جو طالب هجي؛


۽ ايمان کانسواءِ هن کي پسند اچڻ ناممڪن آهي: ڇالاءِ جو جيڪو خدا وٽ ٿو اچي، تنهن کي ايمان آڻڻ گهرجي تہ هو موجود آهي، ۽ جيڪي سندس طالب آهن، تن کي اجر ٿو ڏئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ