Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 135:7 - Sindhi Bible

7 هو زمين جي ڇيڙن کان بخار جا بادل ٿو اُٿاري؛ ۽ مينهن لاءِ وڄ پيدا ٿو ڪري؛ ۽ واءُ کي پنهنجي خزانن مان ٿو ڪڍي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 ڌرتيءَ جي ڇيڙن کان هو بادل اٿاري آڻي ٿو، مينهن سان گڏ هو وڄ موڪلي ٿو، ۽ پنهنجي گدام مان آنڌي اماڻي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 135:7
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ گهڻن ڏينهن کان پوءِ هيئن ٿيو تہ خداوند جو ڪلام ٽئين ورهيہ ۾ ايلياہ وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ وڃ، وڃي اخي آب کي پاڻ ڏيکار: ۽ آءٌ زمين تي مينهن موڪليندس.


جو زمين تي مينهن وسائي ٿو. ۽ ٻنين تي پاڻي موڪلي ٿو:


ڇو جو هو حڪم ٿو ڏئي تہ طوفان ٿو لڳي، جنهن ڪري لهرون ٿيون چڙهن.


باهہ ۽ ڳڙا، برف ۽ بخارا؛ ۽ واچوڙا جي هن جي ڪلام تي عمل ٿا ڪريو؛


هن آسمان ۾ اُڀرندي جو واءُ موڪليو: ۽ پنهنجي قدرت سان ڏکڻ کان هوا لڳايائين.


جڏهن هو پنهنجو آواز ڪڍي ٿو تڏهن آسمان ۾ پاڻيءَ جو گوڙ مچي ٿو، ۽ زمين جي ڪنارن کان هو بخار مٿي چاڙهي ٿو؛ هو مينهن جي لاءِ وڄ جوڙي ٿو، ۽ پنهنجن خزانن مان واءُ آڻي ٿو.


غير قومن جي اجاين شين مان اهڙيون ڪي آهن ڇا جي مينهن پيدا ڪري سگهن؟ يا آسمان ڪي برسات آڻي سگهندا ڇا؟ اي خداوند! اسان جا خدا، تون اُهو ناهين ڇا؟ تنهن ڪري اسين تنهنجي خدمت ۾ اُميدوار رهنداسين؛ ڇالاءِ جو تو اهي سڀ شيون جوڙيون آهن.


جڏهن هو هڪل ٿو ڪري تڏهن آسمانن ۾ پاڻيءَ جو جوش پيدا ٿئي ٿو، ۽ هو زمين جي ڪنارن کان ٻاڦ اُٿاري ٿو؛ هو زمين جي لاءِ وڄ جوڙي ٿو، ۽ پنهنجن خزانن مان واءُ ڪڍي ٿو،


پر خداوند سمنڊ تي هڪڙو وڏو واءُ موڪليو ۽ ڏاڍو طوفان اچي لڳو، جنهن جي ڪري جهاز جي ڀڄي پوڻ جو امڪان هو.


پوئين مينهن جي موسم ۾، خداوند کان گهُرو تہ مينهن وسائي. هائو، خداوند کان، جو بجلي ٿو چمڪائي؛ هو ججهو مينهن موڪليندو، ۽ هر ڪنهن لاءِ ٻنيءَ ۾ گاهہ اُڀرندو.


هوا کي جيڏانهن ٿو وڻي، تيڏانهن پيئي لڳي ۽ سندس آواز توکي ٻُڌڻ ۾ اچي ٿو، پر خبر نٿي پويئي تہ ڪٿان ٿي اچي ۽ ڪيڏانهن ٿي وڃي؛ تهڙي ئي طرح جيڪو روح مان پيدا ٿيو آهي، سو بہ ائين آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ