Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 135:5 - Sindhi Bible

5 ڇو جو آءٌ ڄاڻان ٿو تہ خداوند عظيم آهي؛ اسان جو خدا سڀني معبودن جي مٿان عظيم آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 منهنجو اهو ايمان آهي تہ خداوند عظيم آهي، هائو، اسان جو رب سڀني معبودن کان بلند وَ بالا آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 135:5
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسان جو خداوند عظيم آهي، ۽ وڏي قدرت وارو آهي؛ هن جي سمجهہ بيحد آهي.


اسان جي خدا جي شهر ۾، ۽ پنهنجي پاڪ جبل تي، خداوند عظيم آهي، ۽ وڏيءَ تعريف جي لائق آهي.


ڇالاءِ جو آسمان ۾ اهڙو ڪير آهي جنهن جو خداوند سان مقابلو ڪري سگهبو؟ ۽ فرشتن مان ڪير خداوند جهڙو آهي؟


ڇالاءِ جو خداوند خدا ئي عظيم آهي، ۽ سڀني معبودن جي مٿان بادشاهہ آهي.


ڇو جو اي خداوند تون ساريءَ زمين جو خدا تعاليٰ آهين: ۽ سڀني معبودن کان گهڻو اعليٰ آهين.


هي اهو ئي آهي جو زمين جي دائري تي ويٺو آهي، ۽ انهيءَ جا رهاڪو تڏين وانگي آهن؛ هو آسمان کي پردي وانگي تاڻي ٿو، ۽ رهڻ لاءِ تنبوءَ وانگي انهن کي پکيڙي ٿو،


پاڪ خدا فرمائي ٿو تہ اوهين ڪنهن سان منهنجي مشابهت ڪندا جو آءٌ هن جي برابر ٿيان؟


تنهنڪري آءٌ حڪم ٿو ڪريان تہ سڀ ماڻهو، قومون ۽ ٻوليون، جي سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جي خدا جي نسبت ۾ گهٽ وڌ ڳالهائيندا، تن کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏبو، ۽ انهن جا گهر ڊاهي گند جو ڍير ڪري ڇڏبا: ڇالاءِ جو ٻيو ڪوبہ اهڙو معبود ڪونهي جو هن طرح بچائي ٿو سگهي.


ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا، جو خدائن جو خدا، ۽ خداوندن جو خدا آهي، جو عظيم، قادر، ۽ خوفناڪ خدا آهي، هو ماڻهن جي طرفداري نٿو ڪري، ۽ نڪي رشوت ٿو وٺي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ