Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 135:12 - Sindhi Bible

12 ۽ انهن جو ملڪ هن پنهنجي قوم اسرائيل کي ميراث ڪري ورثي ۾ ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 هن انهن جا ملڪ بني اسرائيل کي عطا ڪيا. هائو، هن پنهنجي انهيءَ قوم کي اهي ميراث ڪري ڏنا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 135:12
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن ڌارين قومن کي انهن جي اڳيان ڪڍي ڇڏيو، ۽ زمين ماپي اسرائيل جي قبيلن کي ميراث ڪري ڏنائين، ۽ کين انهن جي خيمن ۾ رهايائين.


۽ اوهين اهو ملڪ پُکا وجهي، پنهنجن گهراڻن موجب ورثي طور ورهائي کڻجو؛ گهڻن کي گهڻو ورثو ڏجو، ۽ ٿورن کي ٿورو ورثو ڏجو: جنهن ماڻهو جي نالي، جنهن هنڌ جو پُکو پوي، اهو هنڌ انهي کي ڏنو وڃي؛ اوهان جي ابن ڏاڏن جي قبيلن موجب اوهان کي ورثو ملندو.


۽ اسان انهن جو ملڪ ورتو، ۽ اهو بني روبن، ۽ بني جد، ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ورثي طور ڏنوسين.


انهي طرح جيڪي بہ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، ان موجب يشوع سڄو ملڪ هٿ ڪيو؛ ۽ يشوع اُهو بني اسرائيل کي سندن قبيلن ۽ فرقن موجب، ورثي طور ڏيئي ڇڏيو. پوءِ انهيءَ ملڪ کي جنگ کان آرام مليو.


۽ جيڪو ملڪ يردن جي هن ڀر الهندي ڏي لبنان جي واديءَ ۾ بعل جد کان وٺي خلق جبل، جو سعير ڏي ٿو وڃي، تنهن تائين آهي، تنهن جا بادشاهہ هي آهن، جن کي يشوع ۽ بني اسرائيل ماري مات ڪيو، ۽ انهن جو ملڪ ورثو ڪري هن بني اسرائيل کي سندن حصن موجب ورهائي ڏيئي ڇڏيو هو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ