Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 132:5 - Sindhi Bible

5 جيسين ڪہ خداوند جي واسطي ڪو مڪان، ۽ يعقوب جي قادر لاءِ ڪو خيمو نہ ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 جيستائين تو خداوند لاءِ ڪا جاءِ حاصل نہ ڪريان، هائو، جيستائين تو يعني يعقوب جي قادر لاءِ گھر نہ اڏيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 132:5
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن خداوند جي صندوق اندر آڻي جيڪو تنبو دائود انهيءَ جي لاءِ کوڙيو هو، تنهن جي وچ ۾ پنهنجي جاءِ تي رکي: پوءِ دائود خداوند جي اڳيان سوختني قربانيون، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهيون.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ پنهنجي گهر ۾ رهندو هو، ۽ خداوند کيس سڀني آس پاس وارن دشمنن کان آرام ڏنو هو.


هاڻي منهنجي پيءُ دائود جي دل ۾ هو تہ خداوند اسرائيل جي خدا جي نالي تي هڪڙو گهر جوڙي.


پر خدا سچ پچ زمين تي رهندو ڇا؟ ڏس، تون، آسمان ۾، بلڪ آسمانن جي آسمان ۾ ماپي نٿو سگهين؛ تڏهن هيءُ گهر جو مون جوڙيو آهي تنهن ۾ ڀلا ڪيئن ماپي سگهندين!


۽ انهن کي چيائين تہ اوهين لاوين جي ابن جي گهراڻن جا سردار آهيو: اوهين پاڻ ۽ پنهنجن ڀائرن کي مخصوص ڪريو، تہ وڃي خداوند اسرائيل جي خدا جي صندوق انهيءَ جاءِ تي، جا مون تيار ڪئي آهي، کڻي اچو.


۽ دائود سڀ اسرائيلي يروشلم ۾ آڻي گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي صندوق کڻي، جيڪا جاءِ انهيءَ جي لاءِ تيار ڪئي هئائين، اتي رکي.


۽ دائود پنهنجي پٽ سليمان کي چيو تہ اهو منهنجي دل ۾ هو تہ آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي نالي لاءِ گهر جوڙيان.


تڏهن دائود بادشاهہ پنهنجي پير اُٿي بيٺو، ۽ چيائين تہ، اي منهنجا ڀائرو، ۽ منهنجي قوم، منهنجي ٻڌو: منهنجي دل ۾ هو تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق لاءِ آرام گاهہ، ۽ پنهنجي خدا جي لاءِ پير رکڻ جي صندلي ٺاهيان؛ ۽ مون انهيءَ جي ٺاهڻ جي تياري بہ ڪئي هئي.


پر جڏهن آسمان، ۽ آسمانن جي آسمان ۾ بہ اهو سمائجي نٿو سگهي، تڏهن ڪير هن جي لاءِ گهر جوڙي ٿو سگهي؟ تڏهن آءٌ ڪير آهيان جو هن جي لاءِ گهر جوڙيان، سواءِ انهيءَ جي تہ هن جي اڳيان فقط لوبان ساڙيان؟


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ آسمان منهنجو تخت آهي، ۽ زمين منهنجي پيرن جي صندلي آهي: اوهين منهنجي لاءِ ڪهڙي قسم جو گهر جوڙيندا؟ ۽ ڪهڙي جاءِ منهنجي آرامگاهہ ٿيندي؟


۽ اوهين بہ انهيءَ ۾ گڏ جڙندا اڏبا ٿا وڃو، تہ روح جي وسيلي خدا جو گهر ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ