2 تہ ڪيئن هن خداوند جو قسم کنيو، ۽ يعقوب جي قادر لاءِ مڃتا مڃيائين:
2 اي خداوند! هن ڪيئن نہ تو سان قسم کنيو هو، هائو، تو يعني يعقوب جي قادر آڏو هي باسون باسيون هئائين تہ
پر هن جي ڪمان زور جهلي بيٺي، ۽ هن جي هٿن ۽ ٻانهن کي يعقوب جي قادر جي هٿن کان طاقت ملي. انهيءَ مان اهو ڌنار نڪرندو، جو اسرائيل جو ٽڪر آهي.
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ پنهنجي گهر ۾ رهندو هو، ۽ خداوند کيس سڀني آس پاس وارن دشمنن کان آرام ڏنو هو.
تڏهن بادشاهہ ناتن نبيءَ کي چيو تہ هاڻي ڏس، آءٌ ديودار جي ڪاٺين مان جڙيل گهر ۾ رهان ٿو، پر خدا جي صندوق پردن جي اندر ٿي رهي.
تڏهن دائود بادشاهہ پنهنجي پير اُٿي بيٺو، ۽ چيائين تہ، اي منهنجا ڀائرو، ۽ منهنجي قوم، منهنجي ٻڌو: منهنجي دل ۾ هو تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق لاءِ آرام گاهہ، ۽ پنهنجي خدا جي لاءِ پير رکڻ جي صندلي ٺاهيان؛ ۽ مون انهيءَ جي ٺاهڻ جي تياري بہ ڪئي هئي.
مون قسم کنيو آهي، ۽ انهي تي قائم آهيان، تہ آءٌ تنهنجن سچن فيصلن تي عمل ڪندو رهندس.
جيسين ڪہ خداوند جي واسطي ڪو مڪان، ۽ يعقوب جي قادر لاءِ ڪو خيمو نہ ملندو.
لشڪرن جو خداوند اسان سان آهي؛ ۽ يعقوب جو خدا اسان جي پناهہ آهي.
خدا، هائو، خداوند خدا فرمايو آهي، ۽ اُڀرندي کان اُلهندي تائين دنيا کي سڏيو اٿس.
اي خدا مون تنهنجون مڃتائون مڃيون آهن: آءٌ تنهنجي حضور ۾ شڪرگذاريءَ جون قربانيون چاڙهيندس.
اي خدا صيون ۾ تنهنجي تعريف جو انتظار آهي: ۽ تنهنجي مڃتا پوري ڪئي ويندي.
۽ جيڪي توتي ظلم ٿا ڪن تن کي آءٌ سندن ئي گوشت کارائيندس؛ ۽ اُهي مٺي شراب وانگي پنهنجو رت پي مست ٿيندا: تڏهن سڀني ماڻهن کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند، يعقوب جو قادر خدا، تنهنجو نجات ڏيندڙ آهيان، آءٌ تنهنجو ڇڏائيندڙ آهيان.
تون قومن جو کير چوسيندينءَ ۽ بادشاهن جي ڇاتي بہ چوسيندينءَ، ۽ تون ڄاڻندينءَ، تہ آءٌ خداوند تنهنجو نجات ڏيڻ وارو ۽ ڇڏائيندڙ، ۽ يعقوب جو قادر آهيان.