1 اي خداوند، دائود جي خاطر سندس سڀني ڏکن کي ياد ڪر.
1 اي خداوند! تون دائود کي نہ وسار، هن جيڪي ڏک ڏٺا آهن تن کي تون ياد ڪر.
پوءِ خدا نوح کي، ۽ جيڪي ساهوارا ۽ ڍور ساڻس گڏ ٻيڙيءَ ۾ هئا، تن کي ياد ڪيو، ۽ خدا زمين تي واءُ آندو ۽ پاڻي گهٽجي ويو.
مون پنهنجيءَ مصيبت ۾ خداوند کي پڪاريو، ۽ هن مون کي جواب ڏنو.
آءٌ پنهنجون اکيون جبلن ڏانهن کڻي نهاريندس: منهنجي مدد ڪٿان ايندي؟
جڏهن هنن مون کي چيو تہ هلو تہ خداوند جي گهر هلون، تڏهن آءٌ خوش ٿيس.
تون جو آسمانن ۾ ويٺو آهين، تو ڏانهن آءٌ پنهنجون اکيون کڻي ٿو نهاريان.
هاڻي اسرائيل هيئن چوي، تہ جيڪڏهن خداوند اسان جي پاسي نہ هجي ها؛
جن جو ڀروسو خداوند تي آهي سي صيون جبل جهڙا آهن، جو هٽجي نٿو سگهي، پر هميشہ قائم آهي.
جڏهن خداوند صيون جي قيدين کي موٽائي آندو، تڏهن اسين انهن جهڙا هئاسين جي خواب ٿا لهن.
جيڪڏهن خداوند پاڻ گهر نہ اڏي، تہ اڏيندڙن جي محنت اجائي آهي: جيڪڏهن خداوند پاڻ شهر جي سنڀال نہ ڪري، تہ چوڪيدار جو جاڳڻ اجايو آهي.
مبارڪ آهي اهو جو خداوند کان ڊڄي ٿو ۽ سندس واٽن تي ٿو هلي.
هاڻي اسرائيل هيئن چوي، تہ انهن مون کي ننڍي هوندي کان وٺي ڪيترائي ڀيرا ڏک ڏنا آهن؛
اي خداوند مون توکي اونهائين منجهان پڪاريو آهي.
اي خداوند منهنجي دل ۾ مغروري ڪانهي، نڪي منهنجون اکيون آسمان ۾ آهن؛ نڪي جيڪي ڳالهيون وڏيون ۽ منهنجيءَ سمجهہ کان ٻاهر آهن، تن ۾ آءٌ پاڻ کي پتوڙيان ٿو.
منهنجي ڏک ۽ مصيبت ڏانهن نگاهہ ڪر؛ ۽ منهنجا سڀ گناهہ معاف ڪر.
۽ خدا هنن جون دانهون ٻڌيون، ۽ خدا جيڪو عهد، ابرهام سان، ۽ اسحاق سان، ۽ يعقوب سان ڪيو هو، سو ياد ڪيائين.
منهنجو ڏک ۽ منهنجي مصيبت، منهنجو ساڙ ۽ منهنجو زهر ياد ڪر.
اي خداوند، ياد ڪر تہ اسان تي ڇا آيو آهي: نظر ڪر ۽ اسان جي خواري ڏس.